انگريزي ۾ سوال تي ڊي سي مٽياري جون عدالت ۾ وايون بتال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي سي مٽياري انگريزي سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو. عدالت کيس ڇنڊ پٽي ۽ چيف سيڪريٽري کي چيو ته ڪهڙا نااهل ماڻهو لڳايا اٿئو؟. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تيل ۽ گئس جي ڪمپنيز ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران چيف سيڪريٽري سوڌو 16 ضلعن جا ڊي سيز عدالت آڏو پيش ٿيا. عدالت ڊي سي مٽياري غلام حيدر چانڊيو کي روسٽرم تي گهرايو ۽ انگريزي ۾ سوال پُڇيو ته توهان جيڪي فنڊز استعمال ڪيا، ڇا اُهي گائيڊ لائينز موجب هئا؟. ڊي سي مٽياري عدالت جي سوال تي وائڙو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ عدالتي عملي کيس انگريزي ۾ پُڇيل سوال اردو ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو. عدالت ڊي سي مٽياري کي ڇنڊ ڪڍي ۽ ريمارڪس ڏيندي پُڇيو ته توهان ڪميشن پاس آهيو يا سياسي سفارش تي ڀرتي ٿيا آهيو؟ اُن تي به غلام حيدر چانڊيو ڪو جواب نه ڏئي سگهيو. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جهڙا آفيسر سرڪاري خزاني تي بار آهن. اهو سڀ قبول جوڳو نه آهي، چيف سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ عدالت چيف سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي پُڇيو ته ڪهڙا نااهل ماڻهو لڳايا اٿئو، کين پنهنجي ڪم جي به خبر نه آهي، ڇا ڊي سي کي سفارش تي مقرر ڪيو ويو آهي؟ عدالت چيف سيڪريٽري کي چيو ته اڳتي جيڪڏهن ڪنهن به ڊي سي عدالتي حڪمن ۾ غفلت ڪئي ته توهان جي ذميواري هوندي. جيڪو به غفلت ڪري، اُن کي معطل ڪري هٽائي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو