انصاف ۾ دير جي ذميواري انتظاميا ۽ پارليامينٽ تي به آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته بدقسمتي سان انصاف جو شعبو پارليامينٽ جي ترجيح ناهي رهي، پارليامينٽ ۽ انتظاميا کي به عدليه جيان انصاف جي شعبي ۾ بهتري جي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.
اهڙو اظهار هن وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ تڪڙي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان منقد ڪيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته برطانيا ۽ ٻين ملڪ ۾ ڪيسن جي فيصلن لاءِ وقت مقرر ڪيو ڪيو ويندو آهي، امريڪا جي سپريم ڪورٽ سال ۾ 80 ۽ برطانيا ۾ سپريم ڪورٽ سال ۾ 100 ڪيسن جا فيصلا ڪنديون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ گذريل سال 26 هزار ڪيسن جا فيصلا ڪيا پر پوءِ به عدليا تي انصاف ۾ دير بابت تنقيد ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي 3 هزار ججز گذريل سال 34 لک ڪيسن جا فيصلا ڪيا، تڪڙي ۽ سستي انصاف جي فراهمي عدليه جي ذميواري آهي پر ان ۾ پارليامينٽ ۽ انتظاميا کي به ذميوراي سيئر ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ته ماڊل ڪورٽس جي قيام جو مقصد سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ هو.
هن چيو ته ماڊل ڪورٽس مشن تحت قائم ڪيون ويون، ڪورٽس جو تجربو آئين جي آرٽيڪل 37 ڊي تي عملدرآمد ڪرڻ هو، ماڊل ڪورٽ جو مقصد التوا جو سبب بڻجندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ هو. چيف جسٽس چيو ته جڊيشل پاليسي بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون ۽ ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ناهن ڪيون وينديون، بدقسمتي سان انصاف جو شعبو پارليامينٽ جي ترجيح ناهي، عدالتي قانون واضح آهن رڳو انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي ايڪٽ کي ڏسو ته چوري ۽ زنا به دهشتگردي ايڪٽ جو حصو آهن، ان بابت تفصيلي عدالتي فيصلو موجود آهي پارليامينٽ کي ان مطابق ترميم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تڪڙي انصاف لاءِ ضروري آهي ته جيل حڪام قيدين کي حاضري تي پهچائن، سندن گاڏين وغيرو جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي ۽ ٻئي صورت ۾ جيل انتظاميا خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري وڪيل يا مدعي ۽ جوابدار جا وڪيل ڪنهن سبب ڪري حاضر نه ٿين ته متبادل انتظام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪرمنل ڪيسن م ٻن هفتن اندر چالان پيش ڪرڻ گهرجي پر ائين نٿو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو