اميربخش بروهي جي 16 هين ورسي، صحافين پاران ڀيٽا پيش

شڪارپور (ن س) پريس ڪلب شڪارپور جي اڳوڻي صدر شهيد امير بخش بروهي جي 16 هين ورسي ملهائي وئي. سندس روح جي ثواب لاءِ  قرآن خواني ڪئي وئي جنهن بعد شڪارپور پريس ڪلب جي صدر رحيم بخش جمالي ۽ زاهد نون جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين شهيد امير بخش بروهي جي قبر گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي شڪارپور پريس ڪلب جي صدر ، جنرل سيڪريٽري نذير احمد قريشي، رحمت الله سومرو، سلطان رند، سوڍو جيمس، اسلم سومرو، عبدالخالق سومرو، ابراهيم بروهي، عتيق ڌڪڙ، ڪاشف نواز ٻرڙو، امداد ککراڻي، عبدالرزاق بروهي ، جيمل مهر ۽ ٻين پنهنجي چيو ته شهيد امير بخش بروهي شڪارپور جي صحافت جو هڪ بهترين نالو هو، هو صحافتي سرگرمين ۾ هميشه اڳتي هو، شهيد امير بخش بروهي ڪڏهن به ظالم جي اڳيان نه جهڪيو، اسان کي شهيد امير بخش بروهي جي ڇڏيل مشن تي هلڻ گهرجي. صحافين ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته  شهيد امير بخش بروهي جي نالي سان شهر جي اندر ڪو روڊ يا عمارت منسوب ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو