اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، عمارت زبون، شاگردن جو احتجاج

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي) گورنمينٽ مين  پرائمري اسڪول راڄو ڏاهري جي سوين معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران اسڪول جي زبون حال عمارت ،فرنيچر ۽ اسٽاف جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻارڙن جي والدين ۽ شهر جي سماجي ماڻهن پرويز علي ڏاهري، عبدالرحمان آرائين،عالمشير اعواڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مين پرائمري اسڪول لاکاروڊ 1946 ع ۾ قائم ٿيو،اسڪول جي عمارت بلڪل زبون ٿي وئي آهي،ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي،ديوارون به بلڪل ڪمزور ٿي ويون آهن ،ڪنهن بہ وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ هن وقت 400 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن پيون سندن ويهڻ لاءِ فرنيچر ڪونهي شهر جو جر کارو هجڻ سبب ٻارن لاءِ پيئڻ جو پاڻي پري کان ڀري اچڻو پوي ٿو. هنن وزير اعليٰ سنڌ ، سيڪريٽري تعليم، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ،ڊي سي نوشهرو فيروز ، ڊي اي او نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسڪول جي نئين عمارت ٺاهي فرنيچر ۽ اسٽاف جي کوٽ پوري ڪرڻ سان گڏ ٻارن لاءِ مٺي پاڻي جو فلٽر پلانٽ لڳائي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو