اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 3 ٻارڙيون زخمي

فيض گنج (وسيم سولنگي )  مک پرائمري گرلز  اسڪول جي  ڪمري جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٽي معصوم شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون. جن مان هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. تدريسي عمل جاري هو ته اوچتو هڪ ڪمري جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي  سان ڪري پيا. جنهن سبب 7 سالن جي فضا ولد عبدالحفظ  آرائين، 5 سالم ندا  ۽ ٽي سال مننزا ولد غلام مرتضيٰ بالادي زخمي ٿي پيون.  جن کي اسڪول انتظاميه کڻائي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي معصوم فضا آرائين کي مٿي ۾ 8 ٽاڪا لڳا آهن جڏهن ته ٻن معصوم نينگر کي معمولي ڌڪ لڳا آهن. اطلاع تي ٽي اي او في ميل آپا  مسرت فاطه گسٽا سنڌ جو صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي  تعلقه صدر لياقت خاصخيلي اسپتال پهچي معصوم ٻارن جو علاج ڪرائڻ سان گڏ ٻارن جي عيادت ڪئي ان موقعي هنن ڳالهائيندي چيوته اسڪول جي عمارٿ زبون حال ٿي چڪي آهي ڪافي ٻار اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا ٻيا ٻار مجزانه طور تي بچي ويا آهن هنن چيوته 11 سالن کان اسڪول جي ڪابه مرمت نه ٿي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو