واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ اسپيس ايڪس ڪمپني اسٽار لنڪ سلسلي جون پنج درجن سيٽلائيٽ جي پهرين کيپ ڪاميابي سان خلا ۾ رواني ڪري ڇڏي آهي. اهو سيٽلائيٽس فالڪن نائن راڪيٽ ذريعي فلوريڊا ۾ واقعي ڪيپ ڪيناورل خلائي اڏي کان رواني ڪئي وئي آهي ۽ ان غير معمولي تجربي ۾ بار بار استعمال ٿيندڙ راڪيٽ جو تجربو به ڪيو ويو آهي. لانچ جي چند منٽن کان پوءِ راڪيٽ جو پهريون مرحلو پاڻ الڳ ٿي سمنڊ طرف وڌيو جتي هڪ ڊرون بحري جهاز تي ڪاميابي سان لٿو جنهن کان پوءِ ٻيو اسٽيج سيٽلائيٽ لوڊ ڪري مدار ۾ موڪليو ويو. هن مرحلي ۾ راڪيٽ جي رفتار ٽي ڀيرا وڌيڪ هئي ڇاڪاڻ ته پهريون اسٽيج الڳ ٿيندي ئي راڪيٽ جي رفتار وڌي وئي. ان راڪيٽ جي ڪامياب پرواز تي پهريون ڀيرو هڪ ئي راڪيٽ بوسٽر کي ٻيهر ٻيهر استعمال ڪيو ويو ۽ ڪل چار ڀيرا هڪ راڪيٽ استعمال ڪيو ويو. ان کان اڳ اپريل ۾ هي راڪيٽ بوسٽر سمنڊ ۾ ڪريو هو جنهن کي ڪڍي ٻيهر استعمال ڪيو ويو. واضح رهي ته اسپيس ايڪس ڪمپني اسٽار لنڪ جي 12 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽس هيٺ زمين ۾ موڪلڻ چاهي ٿي تاڪه دنيا ۾ هر جڳهه انٽرنيٽ جو ڄار وڇايو وڃي.
