اسلام آباد جي صورتحال تي بلاول ڀٽو فيصلو ڪندو؛ وزيراعليٰ

سيوهڻ شريف (رميز علي سولنگي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رهبر ڪميٽي ۾ پيپلزپارٽي جي نمائندا نامزد ڪيا آهن ۽ آزادي مارچ بابت جيڪو ڪجهه  به ٿيندو اهو رهبر ڪميٽي جي مشوري سان ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد جي صورتحال تي بلاول ڀٽو جي هدايت تي فيصلو ڪنداسين. وزير اعليٰ هائوس واهڙ سيوهڻ شريف ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ناڪام حڪومت ماڻهن کان روزگار کسيو آهي ۽ مهانگائيءَ جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آئي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب اسان صوبي جي ماڻهن کي نوڪريون نه ڏئي سگهياسين ۽ وفاقي حڪومت  صوبن کي سندن حصي جا فنڊز نه ڏنا آهن ۽ وفاقي حڪومت مان تمام جلد ڇوٽڪارو ملندو. پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پوليس ۽ ناڻي کاتي کي پوليس گريڊز ٻين صوبن جي برابر ڪرڻ لاءِ چيو آهي. مولانا فضل الرحمٰن پاران ڪنٽينر تي ادارن خلاف ڳالهائڻ بابت هڪ سوال جي جوا ب ۾ وڏي وزير چيو ته ان جو جواب مولانا صاحب ۽ سندس پارٽي ڏئي ڇڏيو آهي ڪشمير بابت چيو ته ڪشمير جي معاملي تي وزير اعظم عمران خان هڪ تقرير کان علاوه ڇا ڪيو آهي ۽ ڪشمير  بابت گڏجاڻي ۾ وزير اعظم پاڪستان عمران خان اجلاس ۾ اٿي چوي ٿو ته مان ڇا ڪيان مون کي ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجون ناڪاميون ڪنهن ٻئي جي جهولي ۾ وجهي رهي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته  ضمانت جي درخواست اڳوڻو صدر آصف علي زرداي پاڻ ڪرائڻ چاهيندو ته ڪندو زرداري جيلن کان ڊڄڻ وارو ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو