اسرائيل فلسطين جي مظلوم عوام جي نسل ڪشي ڪري پيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته اسرائيل فلسطين جي مظلوم عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي انگ ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن، غزه جي محاصري جي مذمت ڪريون ٿا، غزه جي ماڻهن وٽ نه پاڻي آهي نه کاڌو آهي.جليل عباس جيلاني چيو ته فلسطين مسئلي تي پاڪستان جو هميشه واضح موقف رهيو آهي، شهري آبادي تي حملن ۽ غزه جي محاصري جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اسرائيل 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطينين تي ظلم ڪري رهيو آهي، اسرائيل کي فلسطين بابت گڏيل قومن جي قراردادن جو احترام ڪرڻ گهرجي، غزه ۾ انسانيت جي امداد لاءِ گڏيل قومن سان رابطي ۾ آهيون. نگران پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي جو خاص اجلاس 18 آڪٽوبر تي جده ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مان پرڏيهي وزير طور شرڪت ڪندس. جده ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ انساني الميو به ايجنڊا تي آهي. هن چيو ته اسان سعودي عرب سان رابطي ۾ آهيون ۽ سي پيڪ تي چين سان ڳالهيون جاري آهن. جليل عباس جيلاني چيو ته نگران وزيراعظم چيني صدر جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيني صدر سان به ملاقات ڪندو، ملاقات ۾ چيني قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ فورم جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم چين جي اعليٰ واپارين سان به ملاقاتون ڪندو ۽ ڪيترن ئي مفاهمتي يادن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون. جليل عباس جيلاني چيو ته زراعت، گرين انرجي ۽ ٻين معاملن تي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته دوري سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل سهڪار ۾ اضافو ٿيندو، بيجنگ ۾ 2 ڏينهن گذارڻ کانپوءِ وزيراعظم زنجيانگ جو دورو ڪندو، وزيراعظم زنجيانگ يونيورسٽي کي به خطاب ڪندو. جليل عباس جيلاني چيو ته وزيراعظم سنڪيانگ ۾ واپارين سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم سنڪيانگ جي مسجد ۾ جمعي جي نماز به ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو