لاهور(ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته قوال ۽ موسيقيءَ جا رنگ مٽائيندڙ فنڪار استاد نصرت فتح علي خان جي 29ين ۽ آخري برسي ملهائي پئي وڃي. 13 آڪٽوبر 1948ع تي فيصل آباد ۾ جنم وٺندڙ نصرت فتح علي خان صوفياڻي ڪلام ۽ قواليءَ کي نوان نڪور انداز ڏئي دنيا جي وڏن اسٽيجز تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. 1000 کان وڌيڪ رڪارڊنگز ۽ قواليون ڇڏيندڙ هن عظيم فنڪار جا گيت اڄ به مداحن جي دلين ۾ زنده آهن.










