ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس، جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (درياخان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار رحيم شاهه جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدار جي ضمانت درخواست رد ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او جو هڪ مهيني اندر بيان رڪارڊ ڪيو وڃي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ايل ايم او جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر ضمانت درخواست داخل ڪئي وڃي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار رحيم شاهه خلاف ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت آهن، اهڙي صورتحال ۾ ضمانت ڪيئن ڏئي سگهون ٿا.

ارشاد رانجھاڻي جي وڪيل اسد شاھ راشدي ڳالھائيندي چيو ته ڪجهه نادان دوستن جوابدار رحيم شاهه سان  ارشاد رانجھاڻي جي وارثن پاران ٺاھ جا افواهه هلايا آھن ۽ ڪجھ وري رحيم شاهه جي آزاد ٿيڻ جون خبرون به هلايون آھن اهي سڀ افواھ آھن.اسان جي وڪيلن جي ٽيم  ارشاد رانجھاڻي ڪيس کي کٽڻ لاءِ مڪمل پر اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو