اربعين واڪ، ڪربلا تائين پنڌ سفر جي ڪهاڻي، دنيا جو وڏو مفت دسترخوان

ڪجهه سالن کان صفر جي مهيني ۾ سوشل ميڊيا اربعين واڪ جي تصويرن سان اوور لوڊ ٿي ويندا آهن. جنهن ۾ هر ڪوئي عراقين جي جذبي ۽ مهمانوازي کي ساراهيندي نظر ايندو آهي پر انهن تصويرن ۽ وڊيوز جي پسمنظر ۾ ڇا اهم موقعو آهي، هي شايد تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻيندا آهن. هي هڪ 80 ڪلوميٽر ڊگهي سڙڪ هئي، هڪ عام شاهراهه جيڪا ڪنهن به ملڪ ۾ ٻن شهرن کي ملائڻ جي لاءِ تعمير ڪيون وينديون آهن پر شيعه فرقي جي ماڻهن جي لاءِ  مقدس سمجهيا ويندڙ ٻن عراقي شهرن نجف ۽ ڪربلا کي ملائڻ واري هن سڙڪ تي منظر ڪجهه خاص هئا.

نجف کان ڪربلا تائين 80 ڪلوميتڙ پيادل سفر

هتي جڳهه جڳهه سفر جي دوران پيش اچڻ واري هر ضرورت جو مفت ۾ انتظام ڪيو ويو هو، ڪو زبردستي توهان کي جوس پيئارڻ چاهي ٿو ته ڪو توهان کي کارڪون يا ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون ڏئي ڇڏيندو آهي. ڪجهه ٻار مليا جيڪي عرض ڪري رهيا هئا ته اسان انهن کان پنهنجا بوٽ پالش ڪرايون ته ڪير چاهي پيو ته توهان پنهنجي ٽنگن کي زور ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪرايو. سڙڪ جي ڀرسان هڪ طرف صوفه لڳل هئا ته جيئن ٿڪل مسافر ان تي ويهي آرام ڪري سگهن ته ٻئي طرف ڪنهن پنهنجي گهر جا بهترين  فوم وڇائي رکيا هئا. آخر هي ڪير ماڻهون آهن ۽ هن سڙڪ تي هي سڀ  شيون مفت ۾ ڇو ورهائي رهيا آهن ۽ پنهنجي گهرن جو بهترين سامان سڙڪن تي ڇو کڻي آيا آهن؟

هن سفر ۾ جوان توڙي پوڙها ، معذور توڙي ٻيا پنڌ سفر ڪندا آهن

هي منظر عراق ۾ هر سال صفر جي اسلامي مهيني ۾ ٿيڻ واري اربعين واڪ جو هو. مشي جي نالي سان مشهور هي عمل هر سال لکن  جي تعداد ۾ ماڻهو نبي ڪريم صلعم جي ڏوهٽي جي چاليهي جي موقعي تي نجف کان ڪربلا جو پيادل سفر ڪري سر انجام ڏيندا آهن ۽ امن موقعي تي غريب ۽ امير جي فرق کان هٽي ڪري مقامي عراقي زائرين جي خدمت ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر ايندا آهن.  مونکي هي ڄاڻي ڪري خاصي حيرت ٿي ته جنگ واري ملڪ جا هي رهواسي جيڪي پاڻ مشڪل سان پيٽ گذارو ڪري سگهندا آهن پر انهن ڏينهن جي لاءِ  سمورو سال پيسا بچائيندا آهن ته جيئن دنيا جي مختلف ملڪن کان اچڻ وارن زائرين جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه رهجي وڃي.

اربعين ڇا آهي؟

اربعين عربي ڳڻپ ۾ چاليهه کي چوندا آهن ۽ اصطلاحن ڪنهن شخص جي موت جي  39 ڏينهن بعد واري ڏينهن کانپوءِ ان جي ياد ۾ منائڻ واري ڏينهن کي چيو ويندو آهي. عراق ۾ اربعين جو تهوار سن 61 هجري ۾ 10 محرم تي پيش اچڻ واري ڪربلا جي واقعي جي 40 ڏينهن جي مڪمل ٿيڻ تي 20 صفر تي ملهايو ويندو آهي. اربعين واڪ جي شروعات ڪڏهن ٿي ان باري ۾ مصدقه طور تي ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.

رضا ڪار اوهانجي خدمت ڪندي فصر محسوس ڪن ٿا

جڏهن ته نجف جي  عالم سيد رضا چوي ٿو ته تاريخي روايتن مطابق جابر بن عبدالله النصاري اهو پهريون شخص هيو جنهن حضرت امام حسين جن جي قبر جي زيارت ڪئي. اڄ ڪربلا جي واقعي  جي 1400 سالن بعد به حضرت محمد صلعم جي ڏوهٽي جي قرباني جي ياد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ کان ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهون ڪربلا پهچندا آهن.

صدام حسين جي دور ۾ اربعين

عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين جي دور حڪومت ۾ اربعين واڪ تي سخت پابنديون لاڳو هيون ۽ حڪام هر سال عراقي عوام کي اربعين جي موقعي تي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا، جڏهن ته ان جي باوجود ان سفر جو سلسلو جاري رهيو.

هن سفر ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هر مذهب جو ماڻهو اچي ٿو

سن 2003 ۾ صدام حسين جي حڪومتي دور جي خاتمي کان پوءِ اربعين واڪ جو سلسلو هڪ نئين جذبي سان ٻيهر شروع ٿيو ۽ تڏهن کان هر سال هن سفر جي لاءِ ڪربلا پهچڻ وارن ماڻهن جو تعداد وڌي رهيو  آهي. اربعين جي لاءِ زيارت ڪندڙن جي آمد جو سلسلو تڏهن به جاري رهيو جڏهن عراق جو هڪ وڏو حصو شدت پسند تنظيم نالي ماتر دولت اسلاميه يعني داعش جي اثر هيٺ هو ۽ ڪافي ملڪ پنهنجي شهرين کي عراق جي سفر کان روڪڻ جا مشورا ڏيندا هئا.

اربعين جي سفر جي شروعات

اڪثر ڪري هن سفر جي شروعات نجف مولا کان ئي ٿيندي آهي ۽ اربعين جي لاءِ سفر ڪرڻ وارا وڌيڪ ماڻهو نجف جي هوائي اڏي تي ئي لهندا آهن پر منهنجي لاءِ هن سفر جي شروعات عراقي شهر بصريٰ کان ٿي. ٻڌو هو ته غير شادي شده عورت کي عراقي ويزا ناهن ڏيندا جڏهن ته منهنجو نمبر اچڻ تي ٽٽل ڦٽل انگريزي عربي ۾ صرف ايترو پڇو ويو ته عراق ڇو آئي آهين، مون جواب ڏنو زيارت امام حسين لاءِ.  باقي نه ڪو  سوال ۽ نه ئي ڪا پڇا ڳاڇا. شيشي جي پويان موجود نوجوان ٺڪ سان منهنجي پاسپورٽ تي ٻن هفتن جو ويزا لڳايو ۽ مرحبا في عراق چوندي ئي پاسپورٽ واپس پڪڙائي ڇڏيائين.دنيا جي هوائي اڏن تي کائڻ پيئڻ جي شين کان وٺي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪري وٺڻو پوندو آهي ۽ اهو به وڌيڪ قيمت تي پر بصريٰ ايئر پورٽ تي  زائرين جي لاءِ پاڻي جو مفت بندوبست ٿيل هو.

ڏٺو وڃي ته اربعين جي موقعي تي سواءِ جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ويزا جي باقي سڀ شيون تقريبن مفت جون آهن. هن ڳالهه جو اندازو ايئر پورٽ کان نڪري ڪري ٿيو. ايئرپورٽ جي ٻاهران سوين بسون ۽ ڪارون بيٺيون هيون. بصريٰ کان ڪربلا يا نجف مولا يا جتي به توهان وڃڻ چاهيو، هڪ مناسب رقم طئه ڪرڻ تي هي ڊرائيور توهانکي اتي وٺي ويندا ۽ جيڪڏهن توهان وٽ پيسا ناهن ته فڪر جي ڪا به ڳالهه ناهي ، بصريٰ جا رهواسي بغير ڪنهن قيمت ڪرائي جي مفت ۾ خدمت سرانجام ڏيڻ جي لاءِ به تيار نظر آيا. نجف مولا وڃڻ جي لاءِ گاڏي ۾ سوار ٿيڻ لڳس ته ان جي دروازي تي به ڊرائيور بغير ڪجهه چوڻ جي مون کي پاڻي جي بوتل ۽ کارڪن جو هڪ پيڪٽ ڏئي ڇڏيو. بصريٰ کان نجف تقريبن چار ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي ۽ سمورن رستن جي چيڪ پوسٽن ۽ سخت حفاظتي انتظامن جي باوجود تمام گهڻي رونق نظر آئي. ڪيترا ئي ماڻهون مٿي تي سامان رکي پيادل ئي نجف مولا جي طرف ويندي ڏٺا ويا ته ڪٿي اهڙن مسافرن جي خدمت جي لاءِ ماڻهون اسٽال لڳائي ويٺا هئا . ايئن محسوس ٿيو ته جيئن هن اهم تهوار تي پورو ملڪ شريڪ هيو. ٽن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ هڪ جڳهه اسان جي گاڏي بيٺي، سڙڪ جي وچ تي هڪ شخص هڪ ڪارو جهنڊو جهليون بيٺو هيو ۽ ڪنهن گاڏي کي اڳتي وڃڻ نه ڏئي رهيو هو. سندس خواهش هئي ته زائرين ان جي ريسٽورنٽ تي مفت کاڌو کائي ٻيهر سفر شروع ڪن. نجف مولا پهچڻ جي جلدي هئي پر ميزبان جو اسرار ايترو شديد هيو ته لهڻو پيو.

مفت کاڌو ۽ رهائش جي هر جاءِ تي سهولت موجود آهي

ريسٽورنٽ ،امام حسين  ۽ ان جي اصحاب جي لاءِ تعريفن وارا ڪلمات ۽ اربعين جي لاءِ اچڻ واري مهمانن جي لاءِ استقباليه بينرز سان سجايل هئا. مرد حضرات جي لاءِ ريسٽورنٽ جي ٻاهران ڪرسيون لڳايون ويون هيون جڏهن ته عورتن جي لاءِ ريسٽورنٽ سان گڏ واقع رهائشي گهرن ۾ آرام ۽ کاڌي پيتي جو انتظام هيو. عورتن جي لاءِ آرام جي غرض سان قالين تي فوم جا گدا به وڇايل هئا، هڪ طرف جاءِ نماز موجود هئي ته ٻئي طرف ڪجهه عرب ۽ ايراني عورتون کاڌا کائي رهيون هيون. شيخ جو پورو خاندان ان خدمت ۾ انتهائي دلي خوشي سان مگن هيو.

نجف کان ڪربلا مولا جو پيادل سفر

هن مختصر اسٽاپ کانپوءِ اسانجي بس اڃان وڌيڪ هڪ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ نجف مولا پهچي وئي، اربعين جي لاءِ اچڻ وارن زائرين جو سفر نجف مولا ۾ حضرت علي جن جي روضي تي سلام کان شروع ٿيندو آهي. هر سال نجف کان ڪربلا جو رخ ڪرڻ وارن جي درست تعداد جي باري ۾ مختلف اندازا لڳايا ويندا آهن پر هڪ محتاط اندازي جي مطابق اربعين جي موقعي تي هن علائقي ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جا اجتماع ٿيندا آهن.نجف پهچندي ئي  هر ڪنهن کي ڪربلا جو رخ ڪرڻ جي جلدي هوندي آهي، جڏهن ته اڪثر ڪري ماڻهو پنهنجو سامان نجف ۾ ڇڏيندا آهن ۽ ننڍين بيگس ۾ سفري ضرورت جو سامان کڻي پيادل ڪربلا مولا جي طرف روانه ٿي ويندا آهن. نجف کان ڪربلا جو فاصلو تقريبن 80 ڪلوميٽر آهي، نجف کان ڪربلا وڃڻ واري سڙڪ کي ”اين نجف“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، اربعين جي لاءِ اچڻ واري اڪثر تمام ماڻهو انهي سڙڪ تي مشي (پيادل هلڻ)  ڪري ڪربلا پهچندا آهن.

هاڻي توهان جي طاقت،صحت ۽ حوصلي تي دارومدار آهي ته توهان روزانه ڪيترو هلندا آهيو ۽ هي فاصلو ڪيترن ڏينهن ۾ طئه ڪندا پر اڪثر ڪري نجف کان ڪربلا مشي ڪرڻ وارا ماڻهو ٽن کان چئن ڏينهن ۾ سفر طئه ڪري وٺندا آهن. جيڪڏهن توهان پهريون ڀيرو اربعين ۾ شرڪت ڪرڻ وڃي رهيا آهيو ته منهنجو مشورو آهي ته مون وانگر پنهنجو ٿيلهو ڀري نه کڻي وڃجو ڇو ته هتي سڀ ڪجهه مفت ۾ ملندو آهي، هروڀرو وزن کڻڻ جي تڪليف ئي هوندي. اين نجف تي ڪربلا وڃڻ واري زائرين جي لاءِ هر قسم جا انتظام ڪيا ويندا آهن. دنيا جي هر ملڪ جي خوراڪ کان وٺي ٻارن جي پيمپرن ۽ ٽشو پيپر تائين مفت ۾ دستياب آهن. جڳهه جڳهه تي عراقين پنهنجي پنهنجي خانداني نالن سان گڏ  ”مڪب“ لڳائي رکيا آهن، انهن  کي توهان آرام گاهون به چئي سگهندا آهيو ۽ طعام ۽ قيام جون جڳهون به آهن.هتي توهان نماز پڙهڻ جي لاءِ بيهڻ کان وٺي ڪري جيتري دير چاهيو آرام ڪري سگهو ۽ ان جي دوران پنهنجو موبائل ۽ ٻيون شيون چارج ڪري سگهو ٿا. مڪب جي اندر چارجنگ جون تارون، وائي فائي،گرما گرم کاڌا، مساج ۽ پيرن ڄنگهن کي زور ڏيڻ کان وٺي توهان جا گندا ڪپڙا ڌوئڻ تائين جون سهولتون موجود آهن. جيڪڏهن توهان جي طبيعت ناساز ٿي وڃي يا توهان کي ڪنهن دوا جي ضرورت آهي ته ان جي لاءِ هر ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ميڊيڪل جا اسٽال عملي سميت موجود آهن.

ننڍا ننڍا ٻار پنهنجي مٿي تي وڏي وڏي ٿال ۾ کائڻ جون شيون رکي نظر ايندا آهن انهن سڀني جو اسرار هوندو آهي ته انهن جو کاڌو ضرور کائي ڪري وڃو. ڪيترن ئي جڳهن تي ڊگها دستر خوان وڇايل نظر ايندا آهن، هن سڙڪ کي دنيا جو سڀ کان وڏو دسترخوان چوڻ غلط نه هوندو. عراقي نه صرف اربعين کي پر ان جي لاءِ اچڻ وارن جي خدمت کي به هڪ عبادت سمجهندا آهن ۽ ان لاءِ اهي زائرين جي خدمت ۾ ڪا به ڪثر ناهن ڇڏيندا ۽ سڄا  عراقي خاندانهن خدمت ۾ خوشي وچان مگن ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هڪ عراقي ٻڌايو ته  هن عمل ۾ ٻارن کي خاص طور تي هن لاءِ شريڪ ڪيو ويندو آهي ته جيئن زائرين جي خدمت جو عمل نسل در نسل جاري رهي. جيئن ته نجف کان ڪربلا تائين سڙڪ تي ڪيل 99 سيڪڙو بندوبست مقامي عراقي ڪندا آهن پر هتي تقريبن هر ملڪ جو ڪو نه ڪو اسٽال نظر ايندو آهي. ڪٿي پاڪستاني برياني ۽ چانهه تيار ڪري توهان جو رستو ڏسي رهيا هوندا آهن ته ڪٿي اچانڪ ڪوئي لبناني اوهان جي سامهون اچي ڦلاڦل ڏيندو آهي. اربعين واڪ ۾ جتي صنف ۽ عمر جو ڪو به فرق ناهي اتي هي سفر شيعه فرڪي وارن جي لاءِ به مهدود ناهي پر سني ، ڪرد،يزيدي،عيسائي،هر مذهب ۽ فرڪن جا ماڻهون گڏ گڏ برابري سان اربعين واڪ ۾ هلندي نظر آيا.

هڪ ايراني عورت پنهنجي ڏيڍ مهيني جي ٻار کي کڻي ڪربلا جي طرف وڃي رهي هئي انجا ٻه ٻار واڪر ۾ ويٺا هئا جنهن کي انجو مڙس هلائي رهيو هو. ڪجهه مفاصلي تي هڪ نوجوان هڪ برقعه پاتل عورت جي وهيل چيئر هلائيندي نظر آيو. سبب پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هن جي معذور پوڙهي والده گهمڻ ڦرڻ کان محروم آهي پر انجي خواهش هئي ته هن سال اربعين واڪ جي موقعي تي ڪربلا مولا وڃان.  هڪ جڳهه تي ڪارا برقعا پاتل عورتن کي اٺن جي هڪ قطار ۾ ڏٺو، انهن جا هٿ رسن سان ٻڌل هئا. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اربعين جي موقعي تي عراق جي مختلف علائقن کان ڪيترا ئي خاندان واقعه ڪربلا جي ياد ۾ هن طرح جي جلوس جي شڪل ۾ ڪربلا مولا پهچندا آهن جيڪي ان دور جي  پيش ايندڙ  واقعن جي عڪاسي ڪري سگهن.

ڪربلا ۽ اربعين جو ڏينهن

ڪربلا جي حدن ۾ پهچي هڪ چيڪ پوسٽ تي عورت کي هڪ ڪمري ۾ وٺي وڃي ويهاري ويو ۽ کيس چيو ويو ته جيتري تائين توهانجو سامان چيڪ ڪيو وڃي ٿو تيسيتائين توهان سڪون سان ويهي چانهه پي وٺو. اسانجو قافلو جنهن وقت ڪربلا ۾ داخل ٿيو ته فجر جو وقت هو. اسان شهر جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ساهه پٽڻ جي لاءِ ويٺا ئي هئاسين ته چند نوجوان عراقي چانهه کڻي آيا . هتي به مفت ۾ واءِ فاءِ موجود هئي ته مون چانهه پيئندي پيئندي گهر وارن کي ڪربلا مولا پهچڻ جو اطلاع ڏنو ڪجهه مفاصلي تي موجود چيڪنگ پوائنٽ تي زائرين جي سامان جي چيڪنگ جي لاءِ وڏا وڏا اسڪينرز لڳايا ويا هئا سيڪيورٽي تي موجود اهلڪار خوش اخلاق ته هئا پر چيڪنگ جو عمل انتهائي سخت هو. اسانجي لائين ۾ موجود سمورن ماڻهن کي انتظار ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي ڇو ته هڪ صاحب جي سامان مان زنجير زني ۾ استعمال ٿيڻ واريون ڇريون برآمد ٿيون. اسان کي ٻڌايو ويو ته اربعين جي دوران ڪربلا ۾ ڪنهن به قسم جو چاڪو ڇري وغيره کڻي وڃڻ يا انهن جي جسم تي استعمال تي پابندي آهي.

ڪربلا شايد دنيا جو واحد شهر آهي جتي ڪير به سير وتفريح جي غرض سان ناهي ويندو. هتي اچڻ وارا تقريبن سڀ ئي ماڻهون رسول صلعم ۽ انهن جي خاندان جي عظيم قرباني جي ياد منائڻ ايندا آهن. امام حسين جي روضي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ڪل ڏهه دروازا آهن ۽ هر هڪ دروازي تي ايتري رش هئي جو خدا پناهه ڏي. شروعات ۾ ته مون کي لڳو ته آءُ ڪڏهن اندر وڃي نه سگهنديس ۽ جيڪڏهن اندر وڃڻ جي ڪوشش به ڪئي ته هڏيو ن ڀڃرائي ويهنديس. خير هي خيال  بعد ۾ غلط ثابت ٿيو . اربعين جي موقعي تي  ڇو ته ڪروڙين ماڻهون ڪربلا مولا ايندا آهن ۽ هر هڪ جو مقصد  روضه امام حسين تائين پهچڻ ئي هوندو آهي ته عراقين اهڙو ئي بندوبست ڪري رکيو آهي جنهن ۾ توهان کي ٻه کان ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن پر هر شخص روضي تائين ضرور پهچندو آهي. زائرين هڪ طرف کان ايندا آهن روضي کي ڇهي  ۽ ٻئي طرف سڌو ٻاهر نڪرندا آهن. هتي بيهڻ جو سوچجو به نه ، اتي مقرر ڪاريون چادرون ويڙهيل انتهائي چاق و چوبند عورتن نرم جهالرن واريون لٺيون رکيون هيون، جيئن ئي توهان هڪ سيڪنڊ به وڌيڪ بيٺا ته اهي توهان کي ان لٺ سان ٻاهر جو رستو ڏيکاري ڇڏينديون آهن. هڪ پاڪستاني عورت کي هي چوندي ٻڌو (اسان ايترو پري کان آيا آهيون ۽ اسانکي ڪجهه منٽ هتي بيهڻ به نه ٿو ڏنو وڃي). هي سڀ ناگوار ته لڳندو آهي پر جيڪڏهن هر ڪنهن کي اتي بيهڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ڪير به شخص روضي تائين نه پهچي سگهندو.

ڪربلا ۾ زائرين جي لاءِ بندوبست

ڪربلا ۾ به بلڪل نجف وانگر بندوبست ڪيا ويا هئا. جڳهه جڳهه کاڌن جا اسٽال ۽ موبائيل واشروم واريون گاڏيون بيٺل هيون.جيڪي ماڻهو هوٽلن ۾ رهڻ جي حيثيت ناهن رکندا انهن جي لاءِ موڪب هنيا ويا آهن جنهن ۾ فوم جا گدا،ڪمبل، وهاڻه ۽ واشروم جو مفت انتظام ٿيل آهي. جن کي مڪب ۾ به جڳهه نه ملي ته انهن گهٽين رستن ۾ ننڍا تنبو لڳائي رکيا هئا. جيڪو خيمو نه کڻي آيو ان هڪ ڪمبل هيٺ وڇائي رکيو آهي ۽ هڪ متان ويڙهي مزي سان فٽ پاٿ تي سمهي رهيا هئا. راتو رات هي ڪمبل ڪٿان کان ايندا آهن  ۽ صبح جو ڪيڏانهن غائب ٿي ويندا آهن اهو ٻئي ڏينهن معلوم ٿيو جڏهن آءُ ڪمبلن سان ڀريل هڪ تمام وڏي ٽرڪ کي ڏٺو. هر روز رات جو ايئن ڪيتريون ئي ٽرڪون ڪربلا جي سڙڪن تي چڪر لڳائيندي ڪمبل اڇلائينديون وينديون آهن ۽ وري ٻئي ڏينهن فجر کانپوءِ  اها ئي ٽرڪ ٻيهر اچي ڪمبل گڏ ڪندي آهي. هي ننڍو شهر ڪروڙن ماڻهن کي ڪيئن سمائي ويندو آهي اهو آءُ اڄ تائين نه سمجهي سگهيس.

 اربعين جو ڏينهن

ويهه صفر جو ڏينهن تمام اهم آهي . هر شخص پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ۽ رستي جون تڪليفون برداشت ڪري ان ڏينهن جي لاءِ هتي پهچندو آهي. رش جي صورتحال اها هئي ته صرف روضي جي اندروني دروازي تائين ويندي ويندي مونکي ٽي ڪلاڪ لڳي ويا جڏهن ته هي دروازو بلڪل منهنجي هوٽل جي سامهون چند منٽن جي پنڌ تي واقع هيو. جڏهن ته ايتري وڌيڪ ميڙ جي باوجود هي مجموعي انتهائي پر سڪون هو، نه ڪير ڪنهن سان وڙهندي نظر آيو، نه ڪٿي ڀڄ ڊڪ متل ڏٺي. سڀئي سڪون سان روضي امام حسين جي طرف وڃي رهيا هئا جنهن کي يقين هيو ته ڪجهه به ٿي وڃي اهو روضي تائين ضرور پهچندو . جيڪڏهن ڪنهن نوجوان جي پٺيان ڪا به عورت هلي رهي آهي ته اهو پنهنجي اڳيان واري شخص جي ڪنڌ تي هلڪي سان ٿپ ٿپ ڪري کيس ٻڌائيندو آهي ته عورتون آهن رستو ٺاهيو ۽ سڀ جيترو به ٿي سگهي هيڏي هوڏي کسڪي ڪري عورتن جي لاءِ رستو ڇڏي ڏيندا آهن. هن ميڙ ۾ شامل ماڻهو ڪنهن هڪ فرقي يا تهذيب سان تعلق رکڻ وارا نه هئا. ڪٿي عيسائي مذهب سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو صليب کڻي روضه ئي امام حسين طرف وڌي رهيا هئا ته ڪٿي اڇي لباس پهريل بوهرا برادري جا ماڻهو هڪ گروپ جي صورت ۾ روضي ۾ داخل ٿيندي ڏٺا. يورپي ۽ آفريڪي ملڪن جا ماڻهو به پنهنجي پنهنجي ملڪن جا جهنڊا کنيون پنهنجي زبانن ۾ ڪلمات پڙهندي اندر وڃي رهيا هئا.

حضرت محمد صلعم جي  ڏوهٽي جي روضي ۽ انجي ڀر وارين گهٽين ۾ هر ماڻهو جي زبان تي بس هڪ ئي ذڪر جاري هيو”لبيڪ يا حسين”. آءُ سمجهي رهي هيس ته چوڏهن صديون پهريون اسلام جي لاءِ جان ڏيڻ واري هڪ فرد جي قرباني  ۾ ڇا طاقت آهي جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪروڙين ماڻهو ان جو ڏک منائڻ ۽ انهن جي ڏنل قرباني جي ياد کي تازو ڪرڻ ڪربلا مولا جي طرف ڇڪجي هليا اچن ٿا. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هر شخص جو حضرت امام حسين سان هڪ انفرادي تعلق آهي جنهن کي ڪير ٻيو نه ٿو سمجهي سگهي ۽ اهو ئي ته  جذبو آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان  هر مذهب جي ماڻهن کي ڪربلا وٺي ايندو آهي ۽ عراقين جا نسل در نسل هن خدمت کي عبادت سمجهندا آهن.(بشڪريه بي بي سي، سنڌيڪار سليم فضل ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو