ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 2018 ۾ جنهن ماڻهو ملير جي سيٽ کسي ان کي عوام عبرتناڪ شڪست ڏني آهي عمران نازي ميڊيا ۽ ادارن تي دٻاءُ وجهي ٿو ادارن کي دٻاءُ ۾ نه اچڻ گهرجي پر ملڪ کي عمراني گند کان بچائڻ جي ضرورت آهي حافظ نعيم ميئر ڪراچي جا خواب ڏسي رهيو آهي ته ڏسڻ ڏيو هو عمران خان کان معقول ماڻهو آهي کيس خوش فهمي آهي 23 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي ڀرپور اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي پي پي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، ضلعي ملير جو صدر سلمان مراد، صوبائي وزير ساجد جوکيو، اين اي 237 تان ڪامياب اميدوار حڪيم بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري ملير مير عباس ٽالپر ۽ ٻيا به ان سان گڏ موجود هئا سعيد غني چيو ته مان سڀ کان پهريان ملير جي عوام جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن پيپلزپارٽِ تي اعتماد ڪيو ۽ جنهن شخص 2018 تي ڪنهن جي ڪلهي تي ويهي ملير جي سيٽ کٽي ان کي عوام عبرناڪ شڪست ڏني هن چيو ته هن تڪ جي ماڻهن جو پيپلزپارٽي تي اعتماد آهي سعيد غني چيو ته ملتان ۾ به پيپلزپارٽي جي ووٽ ۾ اضافو ٿيو آهي سعيد غني چيو ته اين اي 239 ۾ عمران خان کي 2018 جي مقابلي ۾ 20 هزار گهٽ ووٽ مليا آهن جڏهن ته ملتان ۾ پيپلزپارٽي کي 2018 جي ڀيٽ ۾ 30 هزار ووٽ وڌيڪ مليا آهن هن چيو ته لياري ۾ ننڍي چونڊ روڪڻ جو منطق روڪڻ منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي جيڪڏهن لياري ۾ اليڪشن ٿئي ها ته اسان اتي به سوڀارا ٿيون ها سعيد غني چيو ته اين اي 239 تي اسان جي اميدوار رڳو آخري ڏينهن ۾ مهم هلائي اسان ڪوتاهين جو جائزو وٺنداسين ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته عام چونڊن ۾ ڪاميابيون ماڻيون هن چيو ته اڄ عمران خان اظهار تشڪر ملهائي رهيو آهي کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان جون ٻه سيٽون گهٽ ٿيون آهن سعيد غني چيو ته انهن چورن کي اظهار تعزيت ملهائڻ گهرجي سعيد غني چيو ته عمران نازي پهريان ئي آئين قانون ۽ ادارن سان جٺ ڪري رهيو هو ۽ هاڻي هن ان ملڪ ۾ چونڊن کي به تماشو بڻائي ڇڏيو آهي هن چيو ته عمران نازي ميانوالي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ گذريل ڏينهن هو جن 6 سيٽن تي ڪامياب ٿيو آهي ان 6 جي 6 سيٽن تي ٻيهر چونڊ ٿيندي ڇو ته هي سيٽون خالي ٿينديون پوءِ 60 ڏينهن ۾ ٻيهر چونڊ ٿيندي جيڪا ان تڪن جي ماڻهن سان مذاق برابر آهي سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آئي جا ووٽ گهٽ ڇو ٿيا جيڪڏهن عمران خان جو هي حشر ٿيو آهي ته ان جي ٻين اميدوارن جو حال ڇا ٿيندو هن چيو ته عمران خان ميڊيا ۽ ادارن تي دٻاءُ وجهي ٿو پر ادارن کي دٻاءُ ۾ نه اچڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته پي ٽي آئي ڌانڌلي جي شڪايت ڪرڻ عجيب ڳالهه آهي جنهن پولنگ تي ڌانڌلي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اتي اسان جي ووٽرز جي اڪثريت آهي هن چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر جو بيان سمجهه کان ٻاهر آهي بيلٽ باڪس جي اندر ووٽس جو ان کي ڪيئن پتو پيو ته اهي تير جا ووٽ هئا سعيد غني چيو ته هو ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جاچ ڪري ڇو ته ان ۾ کوڙ سارا سوال اٿن ٿا هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بلال غفار تي حملو ناهي ٿيو هي بدمعاش آهي بدتميزي ڪري ٿو بلال غفار ٽولي سان گڏ حملو ڪيو مون کي ڪو ٻڌائي ته بلال غفار پيپلزپارٽي ڪئمپ تي ڇا ڪري رهيو هو هن چيو ته هو الزام مڙهي ٿو ته سليم بلوچ کيس مارڪٽ ڪئي جڏهن ته سليم بلوچ پوءِ آيو ۽ ان ته ڇڏايو آهي جڏهن ته ان درخواست ۾ حڪيم بلوچ ۽ سلمان جو به نالو ڏنو آهي جڏهن ته اهي ٻئي موجود نه هئا. سعيد غني چيو ته اين اي 239 تي ايم ڪيو ايم مقابلي ۾ هئي ان کي جواب ڏيڻ گهرجي هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آئي وارا جيتري ننگي ڌانڌلي ڪن ٿا هن ڀيري نه ڪرڻ ڏني وئي ڪراچي ۾ مقاني چوندون ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان پاران ڪراچي جي عوام جو ان سان سان گڏ هجڻ جي دعويٰ جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته حافظ نعيم ميئر ڪراچي جا خواب ڏسي رهيو آهي ته ڏسڻ ڏيو هو عمران خان کان معقول ماڻهو آهي کيس خوش فهمي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 80 سيڪڙو يوسيز تي اسان جو مقابلو ٻين پارٽين سان آهي ۽ اها ڳالهه مان سالن کان چوندو پيو اچان ته هن ڀيري ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽِ جو هوندو هڪ سوال تي هن چيو ته جماعت اسلامي جلسو سٺو ڪري وٺي ٿي ۽ خواب به سٺا ڏسي ٿي ۽ خواب ڏسڻ تي ڪنهن تي پابندي نه آهي علي زيدي پاران الزامن تي سوال جي جواب ۾ چيو ته هي جيڪا ڳالهه ڪري ان کي سنجيده نه وٺندا ڪريو هي عمراني ٽولي عقل کان خالي آهي ان موقعي تي ڪامياب ٿيل حڪيم بلوچ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ ملير جي عوام جو اعتماد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪريان ٿو هن چيو ته 2018 تي به هن سيٽ تي کٽيو هو عمران نيازي هن سيٽ تي ڌاڙو هنيو رات جي اونداهي ۾ ڪئپٽن جميل کي کٽرايو ويو هن چيو ته هن ڀيري پي ٽي آئي جي اڳواڻن کي پڪ هئي ته پيپلزپارٽي اين اي 237 مان کٽندي ان لاءِ هن پلان بڻايو ته اين اي 237 ۾ چونڊ عمل کي روڪيو وڃي ۽ ان بيشتر پولنگ اسٽيشن تي چونڊ عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪيم بلوچ چيو ته غازي ٽائون ۾ پيپلزپارٽيجي اڪثريت آهي بلال غفار اسان جي ڪئمپ تي ويو ۽ بدتميزي ڪئي هن چيو ته عمران خان جي بيانئي کي ملير جي ماڻهن رد ڪري ڇڏيو اهي هن چيو ته عمران نيازي جهڙي فرعون جو زوال ملير جي هٿان شروع ٿي چڪو آهي.










