راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستاني فوج پاران شروع ڪيل ‘آپريشن بنيان المرصوص’ جي مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان آپريشن بنيان المرصوص جي مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، 6 ۽ 10 مئي جي وچ ۾ ڪيل ڪارروائيون آپريشن بنيان المرصوص جو حصو هيون، پاڪستان 22 اپريل کان 10 مئي تائين هندستان سان جنگ کي سچ جي جنگ جو نالو ڏنو، بيان موجب، آپريشن بنيان المرصوص ڀارتي فورسز جي بزدلانه جارحيت جي جواب ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀارتي حملي ۾ بيگناهه شهري شهيد ٿيا،آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان حملن جو بدلو وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. الحمدالله، پاڪستاني فوج عوام سان ڪيل پنهنجو واعدو پورو ڪيو.










