آن لائن جنسي هراساني ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان آن لائن جنسي هراساني ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ محمد عمر، محمد جاويد ۽ جبران خان شامل آهن، جوابدارن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار متاثر عورت جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ ۾ ملوث مليا آهن.جوابدارن اعتراض واري مواد جي آڙ ۾ رقم به گهري ورتي.وفاقي جاچ اداري جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ايف آءِ اي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان موبائل فون ۽ قابل اعتراض مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو