حملن ۾ 50 ايراني مارجي ويا، ٽرمپ جي صحيح ’بي وقعت ۽ بيڪار‘ آهي، خامنائي

حملن ۾ 50 ايراني مارجي ويا، ٽرمپ جي صحيح ’بي وقعت ۽ بيڪار‘ آهي، خامنائي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. عباس عراقچي آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ ايراني شهرين جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي چيو ته آخري ساهه تائين وطن جو دفاع ڪيو ويندو. ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ٽيئي ڄڻا بندرخبير پل تان لنگهي رهيا هئا ته کين نشانو بڻايو ويو.

آمريڪي صدر جي صحيح ’بي وقعت ۽ بيڪار‘ آهي، مجتبيٰ خامنائي

ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي هڪ لکت واري بيان ۾ چيو آهي ته ايران سان ٿيل معاهدن جي آمريڪا طرفان بار بار ڀڃڪڙيون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته آمريڪي صدر جي صحيح “بي وقعت ۽ بيڪار” آهي. اهو بيان ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري آئي آر آءِ بي (IRIB) جاري ڪيو آهي. ان بابت وڌيڪ تفصيل جلد سامهون ايندا.

باهيون وسائڻ دوران ڪيترائي ڪويتي فائر فائٽر زخمي

ڪويت فائر فورس موجب، ايراني حملن جي نتيجي ۾ اڄ منجهند لڳل ٻه باهيون ضابطي ۾ آنديون ويون آهن. فائر فورس جي ترجمان محمد بدر ابراهيم چيو ته متاثر ٿيل علائقن مان هڪ ۾ باهه وسائڻ دوران ڪيترائي فائر فائٽر ۽ هڪ تيل ڪمپني جو ملازم زخمي ٿي پيا، ڇاڪاڻ ته باهه وسائڻ جي ڪارروائي دوران ان هنڌ تي ٻيهر حملو ڪيو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته رهائشي علائقن ۾ ميزائلن جي ٽڪرن ڪرڻ سبب لڳل ٽي ٻيون باهيون به وسايون ويون، جن ۾ خوشقسمتي سان ڪو به ماڻهو زخمي نه ٿيو. 

آمريڪي حملن ۾ 50 ايراني مارجي ويا، 20 ڳوٺ پاڻي کان محروم
ايران جي صحت واري وزارت موجب 6 جولاءِ کان وٺي آمريڪي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ايران جي قومي واٽر ڪمپني جو چوڻ آهي ته رات دير سان ٿيل آمريڪي حملن کانپوءِ 20 ڳوٺن جا لڳ ڀڳ 10 هزار رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن.
عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏن تي ايران جا جوابي حملا
ايران جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي تازي حملن جي جواب ۾ بحرين، اردن ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي اثاثن کي نشانو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ڪويت جو چوڻ آهي ته ايراني حملن دوران ملڪ جي ٻن بجلي ۽ پاڻي فراهم ڪندڙ اسٽيشنن کي نشانو بڻايو ويو. بحرين ۾ چند ڪلاڪن دوران 6 ڀيرا سائرن وڄايا ويا آهن.
ايران ۾ ستين رات به لڳاتار آمريڪا حملا جاري
ان کان اڳ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) چيو هو ته ايران خلاف لڳاتار ستين رات به حملا مڪمل ڪيا ويا، جن ۾ جنگي جهاز، ڊرون ۽ جنگي ٻيڙيون استعمال ڪري ايران جي نگراني وارن مرڪزن، فوجي رسد جي ڍانچي، زمين هيٺ هٿيارن جي ذخيرن ۽ سامونڊي فوجي صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويو.
آمريڪا مفاهمتي يادداشت جي مرضي جي تشريه پيو ڪري، اميري
پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل مهيني ٿيل مفاهمتي يادداشت (MoU) جي شرطن جي ابتڙ ان جي تشريح ڪئي ۽ جنگي ميدان ۾ جيڪو حاصل نه ڪري سگهيو، اهو حاصل ڪرڻ لاءِ آبنائي هرمز جي ڪجهه حصن تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن چيو ته اهو واضح هو ته ايراني ڌر اهڙي من ماني تشريح کي هرگز قبول نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته اها ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت جي کليل ڀڃڪڙي هئي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي آمريڪا ان معاهدي جي شرطن ۽ بين الاقوامي اصولن جي ابتڙ جنگ ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو هن جارحاڻي ۽ غيرذميواراڻي قدم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري.
نيتن ياهو جنگي مجرم آهي، سندس گرفتاري بابت مشورا جاري آهن، ممداني
نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جو اصل هنڌ “هيگ” آهي، ڇاڪاڻ ته هو جنگي ڏوهاري آهي ۽ مٿس بين الاقوامي فوجداري عدالت (ICC) ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي. نيتن ياهو جي سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ اچڻ جو امڪان آهي. ميئر هڪ آمريڪي ميڊيا اداري سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اڃا واضح ناهي ته ڇا وٽس قانوني اختيار موجود آهي جو هو پنهنجي ماتحت نيويارڪ پوليس کي ڪنهن پرڏيهي اڳواڻ، جهڙوڪ نيتن ياهو، کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي. هن چيو ته ان معاملي تي شهر جي قانون کاتي سان فعال مشاورت جاري آهي.
هرمزگان صوبي ۾ رابطن جو نظام متاثر
هرمزگان صوبي جي مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي جي سربراهه موجب آمريڪي راتاها حملا بندر عباس ۽ حاجي آباد وارن علائقن ۾ ٽيليڪميونيڪيشن نظام کي سخت متاثر ڪري ويا. ايراني نيوز ايجنسي تسنيم موجب حملن کانپوءِ 116 ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور سروس کان ٻاهر ٿي ويا، جڏهن ته صوبي جي اترين علائقن ۾ لينڊ لائن، موبائيل ۽ انٽرنيٽ جون سهولتون ڪيترن ئي هنڌن تي متاثر ٿيون آهن.
خوزستان ۾ 95 هنڌن تي حملا
خوزستان صوبي ۾ امن امان بابت ڊپٽي گورنر ولي الله حياتي چيو آهي ته گذريل ڏهن ڏينهن دوران آمريڪا ڏکڻ اولهه ايران جي هن صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 95 هنڌن تي حملا ڪيا آهن. هن تسنيم نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته آمريڪي حملن ۾ خوزستان صوبي جي 12 ضلعن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو دشمن جي بي انتها مجرماڻي روش جو ثبوت آهي. هن موجب انهن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺ شهري پڻ مارجي ويا آهن.
آمريڪي فوجن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن کي مناسب ردعمل جي توقع رکڻ گهرجي: پاسداران انقلاب
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته ڪويت ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي، آمريڪي فوجن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن کي هاڻي مناسب ردعمل جي توقع رکڻ گهرجي. پاسداران انقلاب گارڊز موجب، ڪويت جي الاحمدي بندرگاهه تي آمريڪي بحريه جي ايندھن سپورٽ پيئر (Fuel Support Pier) کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته بحرين جي شيخ عيسيٰ ائير بيس تي آمريڪي جنگي جهازن جي اڏام واري جاءِ کي نشانو بڻايو ويو آهي.
گذريل رات حملن ۾ ايران جي شهر جسڪ ۾ بجلي جي تنصيبات ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽ کي نشانو بڻايو ويو: ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل رات آمريڪي حملن ۾ ايران جي شهر جسڪ ۾ بجلي جي تنصيبات ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽ (لوڻو پاڻي مٺو ڪرڻ واري پلانٽ) جي پمپن کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف ڪويتي فوج جو چوڻ آهي ته ايران تان اڇلايل ميزائلن ۽ ڊرونز کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو پيو وڃي.
آمريڪي فوج جا ايران خلاف مسلسل ستين رات حملا مڪمل، فوجي لاجسٽڪس ۽ بحري صلاحيتن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
آمريڪي فوج ايران جي خلاف مسلسل ستين رات پڻ حملن جي لهر مڪمل ڪري ورتي آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، انهن حملن ۾ نگراني جي مرڪزن، فوجي لاجسٽڪس جي بنيادي ڍانچي، زمين دوز هٿيارن جي ذخيرن ۽ بحري صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي فورسز ان حوالي سان جنگي جهازن، فضائي ڊرونز ۽ جنگي بحري جهازن جو استعمال پڻ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينٽڪام ڪمانڊر ان چيف جي هدايت تي ايران کي جوابدار بڻائڻ جو عمل جاري رکيو ويو آهي ۽ ايراني بندرگاهن جي خلاف بحري ناکي بندي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن وقت 50 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي اهلڪار وچ اوڀر ۾ مقرر آهن، جيڪي مسلسل چوڪس ۽ سخت ڪارروائي لاءِ تيار آهن.
ايران جي صوبي هرمزگان ۾ آمريڪي فضائي حملن ۾ 3 ڄڻا شهيد: ايراني ميڊيا
ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي ‘تسنيم’ موجب صوبي هرمزگان جي ڊپٽي گورنر چيو آهي ته آمريڪي فضائي حملن ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. اختيارين موجب حملن ۾ وڌيڪ 8 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. ان کان اڳ گذريل ڏينهن به هرمزگان صوبي تي آمريڪي حملن ۾ 8 شهري شهيد ٿيا هئا، جن ۾ 4 عورتون ۽ ٻن معذور ڀائرن سميت 4 مرد شامل هئا.
ايران بجلي ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽ سميت اهم تنصيبات تي حملا ڪيا، ڪجهه فوجي زخمي ٿيا: ڪويتي فوج
ڪويتي فوج جو چوڻ آهي ته گذريل صبح پنهنجي فضائي حدود ۾ دشمن جي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪيو ويو. ڪويتي فوج موجب، ايراني حملن ۾ بجلي ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽ سميت اهم تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي. ڪويتي فوج ٻڌايو ته اسان جا ڪجهه فوجي ڊرون حملن ۾ زخمي ٿيا آهن، پر سندن حالت مستحڪم آهي.
ايران جو اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل حملو، ڪيترائي آمريڪي فوجي زخمي: ميڊيا رپورٽ
ايران آمريڪي حملن جي جواب ۾ اردن ۾ واقع آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل حملو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي کي ايران ميزائلن سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي زخمي ٿي پيا آهن، پر ڪو به اهلڪار مارجي ناهي ويو. روسي ميڊيا موجب، هن حملي کان اڳ آمريڪي فوجين کي اتان ڪڍيو ناهي ويو، ان ڪري جاني نقصان جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو هو.
ايراني پاسداران انقلاب جو آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ
ايران جي پاسداران انقلاب جي بحريه دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ايران جي بندرگاهي شهر بوشهر جي مٿان هڪ آمريڪي ڊرون ڪيرائي وڌو آهي. پاسداران انقلاب موجب، ايم ڪيو-9 (MQ-9) ڊرون کي ايران جي مربوط فضائي دفاعي نيٽ ورڪ تحت ڪم ڪندڙ جديد دفاعي نظام ذريعي روڪي تباهه ڪيو ويو. ان کان علاوه، ايراني پاسداران انقلاب چيو ته خلاف ورزي ڪندي آبناءِ هرمز تان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ 4 ٽينڪر جهازن کي ميزائل ۽ ڊرون جي گڏيل آپريشن ذريعي روڪيو ويو. پاسداران انقلاب موجب، آبناءِ هرمز جي ڏکڻ ۾ 2 تيل بردار جهاز بارودي رستي تان گذرندي ڌماڪي سان ڦاٽي پيا.
آمريڪي خلاف ورزين کانپوءِ مفاهت جي يادداشت (ايم او يو) ختم ٿي چڪي آهي: ڪمانڊر پاسداران انقلاب
پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر ۽ آيت الله مجتبيٰ خامنائي جي صلاحڪار ميجر جنرل محسن رضائي چيو آهي ته آمريڪي خلاف ورزين کانپوءِ مفاهت جي يادداشت هاڻي مري چڪي آهي. محسن رضائي سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي نڪرڻ جو نه ٿيڻ، آبناءِ هرمز ۾ آمريڪا پاران غيرقانوني متبادل رستو ٺاهڻ، بمباري ڪري ايراني خودمختياري جو احترام نه ڪرڻ ۽ ايراني اثاثا جاري ڪرڻ ۾ ناڪامي، ان معاهدي جي کلم کلا خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسلام آباد مذاڪرات کانپوءِ آمريڪا جنگ ۽ مذاڪرات هڪ ئي وقت جاري رکڻ جي پاليسي اپنائي هئي. ايران پاران ٻن هفتن جي جنگ بندي قبول ڪرڻ دوران آمريڪا کي موقعو ملي ويو ته هو مذاڪرات دوران ايران جي بحري ناکي بندي مڪمل ڪري وٺي. ميجر جنرل رضائي خبردار ڪيو ته هاڻي مذاڪرات ۽ جنگ گڏ هلڻ جي پاليسي ختم ٿي وئي آهي، جيڪڏهن آمريڪا وڌيڪ ٻه کان ٽي ڏينهن جنگ جاري رکي ته ايران به مڪمل طور تي جنگ جو طبل وڄائيندو ۽ دشمن جي تباهي تي لهي ايندو.
ايران هرمزگان صوبي تي آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون
ايران هرمزگان صوبي تي آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 8 شهرين جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ايراني ميڊيا موجب، شهيدن ۾ 4 عورتون ۽ ٻن معذور ڀائرن سميت 4 مرد شامل آهن. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايڪس (ٽويٽر) تي بيان جاري ڪندي چيو ته گذريل رات هرمزگان صوبي ۾ پنهنجي غيرقانوني حملن دوران آمريڪا پُلن کي نشانو بڻائي هڪ ٻيو کلم کلا جنگي ڏوهه ڪيو آهي ۽ 8 بيگناهه ايراني شهرين کي قتل ڪيو آهي، جن ۾ 4 مرد ۽ 4 عورتون شامل آهن. هن چيو ته ايراني عوام هاڻي پهرين کان وڌيڪ پرعزم ۽ متحد آهي ۽ پنهنجي پياري وطن خلاف هن مجرمانه جارحيت تي پنهنجي ظالم دشمنن کي سخت پشيماني ڏيارڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو