ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر فورٽ ورٿ ۾ هوٽل ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪي سبب هوٽل جي عمارت جي ڪيترن ئي منزلن جا شيشا ٽٽي ويا ۽ ملبہ روڊ تي پکڙجي ويو، هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.رپورٽن مطابق ڌماڪو 20 ماڙ عمارت جي هيٺئين حصي ۾ ٿيو، جنهن جو خدشو آهي ته عمارت ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب پيش آيو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪي سبب هوٽل جي هيٺين منزلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.رپورٽن مطابق، اختيارين ڌماڪي جي اصل سبب ڳولڻ لاء جاچ ڪري رهيا آهن.










