ڪراچي (اسٽاف رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ آصفه ڀٽو زرداري خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي جي پراڻي ٽرمينل تان ملتان رواني ٿي وئي. شگفته جماڻي ۽ پيپلز پارٽي جون عورتون هن سان گڏ آهن. ملتان ۾ يوسف رضا گيلاني پنهنجي خاندان سميت سندس آڌر ڀاءُ ڪندو. هوءَ اڄ پنهنجي سياسي اننگرجي شروعات پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس واري ڏينهن ملتان جلسي کي خطاب کان ڪندي.آصفه ڀٽو زرداري ملتان ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يو ايم ڊي ايم جي جلسي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نمائندگي ڪندي پي پي ۽ پي ڊي ايم جي ڪارڪنن کي خطاب به ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا ۾ مبتلا آهي هو پي ڊي ايم جي جلسي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو جڏهن ته مريم نواز اڄ ملتان رواني ٿيندي جلسي ۾ شرڪت ڪرن لاءِ. ياد رهي ته حڪومت پي ڊي ايم کي ملتان ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي پر اپوزيشن اتحاد ڪنهن به صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪالهه پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻين اڳواڻن سان گڏ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پي ڊي ايم ڪارڪن هر صورت ۾ رڪاوٽون پار ڪن ۽ پنڊال ۾ پهچن. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ مخالف ڌر تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪورونا دوران اسان جو مقابلو هڪ سياسي قيادت سان آهي جنهن هن وقت تائين جمهوري جدوجهد لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. عمران خان چيو ته مخالف ڌر اين آر او لاءِ آخري دٻاءُ وجهي رهي آهي جيڪو اهي ڪنهن به حالت ۾ حاصل نه ڪري سگهندا.










