آزادي جو ڏينهن ڪشميرين جي نانءِ، سنڌ ۾ جلسا جلوس

ڪراچي(نمائندن وٽان) پاڪستان جي آزادي جو 73 هون ڏينهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀرپور جذبي سان ملهايو ويو. اڄوڪو ڏينهن ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهايو ويو. مرڪزي تقريبن ۾ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهنڊا جهولايا ويا. پاڪستان جي مختلف شهرن جيان سنڌ ۾ پڻ ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور مختلف تقربون منعقد ڪيون ويون. ***سکر مان امداد علي ڪلوڙ موجب ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جشن آزادي جي مک رنگارنگ تقريب، ڪمشنر سکر، ميئر سکر ۽ ٻين قومي جهنڊو ڦڙڪايو، مارچ پاسٽ ذريعي سلامي پيش، قومي گيت ۽ ٽيبلوز پيش، نوجوانن جون روايتي جهمرون، تقريري مقابلو، هر طرف سبز حلالي جهنڊن جا تجلا، ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جا نعرا هنيا ويا.

ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر چيو ته قوم ڪشمير واري مسئلي تي متحد آهي، ڪشميرين تي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو پاڪستاني قوم ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي. ***ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر موجب جشن آزادي واري ڏهاڙي تي مختلف اسڪولن آغا صدرالدين دراني مين پرائمري اسڪول آغا بدرالدين ھاء سيڪنڊري اسڪول ، روينيو ۽ ٽائون ڪاميٽي جي  ملازمن ، شاگردن ، شاگردياڻين سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مين پرائمري اسڪول کان ٽائون چيئرمين آغا شجاع الدين دراني جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي نورمصطفي چوڪ تي ختم ٿي.

*** ڪنب مان صفدرچانڊيو موجب يوسي ٻاڦو ۾ جشن آزادي جي حوالي سان آزادي جو ڏھاڙو وڏي جوش خروش سان ملهايو چيئرمين يوسي ٻاڦو رئيس نثار علي چانڊيو جي زير صدارت ۾ يوسي آفيس ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو ڪشمير بني گا پاڪستان جا زوردار نعره هنيا ويا ڪائونسلرن ۽ ڳوٺاڻن سميت ڀرپور شرڪت ڪئي وئي. *** فيض گنج مان وسيم سولنگي موجب ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ ۾ تقريب ٿي جتي ٽائون ڪاميٽي چئير مين سيد جئيل شاهه جيلاني پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو. پاڪستان جي خوشحالي ڪشمرين جي آزادي لاء خصوصي دعا گهري وئي.

هاء اسڪول پڪا چانگ پڪا چانگ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جتي شاگردن  پاڪستان تي ٺهيل  ٽيبلوز پيش ڪيا  شهر ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران الڳ الڳ  ٽي ريليون ڪڊيون ويون جنهن ۾ امداد چانگ وجاهت  چانگ فيروز چانگ سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. **** مٽياري مان رياض چانڊيو موجب مرڪزي پروگرام ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٽياري ۾ منعقد ٿي، قومي پرچم بلند ڪيو ويو، پوليس جي دستي سلامي پيش ڪئي.

چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مخدوم فخرالزمان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ۽ ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو مٽياري پوليس طرفان پيش ڪيل پريڊ جو معائنو ڪيو. مقررين چيو ته اڄوڪو جشن آزادي جو ڏينهن ڪشميرين جي عوام لاء وقف ٿيل آهي.**** جوهي مان منصور گاڏهي موجب جوهي  ۾ قومي امن ڪاميٽي طرفان 14 آگسٽ آزادي واري ڏهاڙي تي دهل ۽ شرناء سان شاندار ريلي ڪڍي وئي.

نياز مهر موجب صالح پٽ ۾ به آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي جلوس ڪڍيو ويو

ايس ايڇ او جوهي امان الله چنا ۽ ڊي ايس پي جوهي پيربخش چانڊيو جي نگراني ۾  قومي امن ڪاميٽي ضلع چيئرمين شاھ محمد گاڏهي تعلقه چيئرمين جان محمد گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦلجي روڊ کان پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جي نعرن سان هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشميرجا جهنڊا کڻي موٽر سائيڪل رڪشا ۽ پيادل ماڻهن جي شاندار ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب تي ختم ٿي. ***ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب آزادي واري ڏهاڙي تي ڪشمور جي پريس ڪلب ۾ قومي جھنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪشمور جي چيئرمين مير اسرار احمد کوسي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

ڪاشف ٻرڙو موجب شڪارپور ۾ مختلف تقربون ٿيون

شهر جي سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن قومي امن ڪاميٽي، حسيني جماعت، شهري ايڪشن ڪاميٽي، پي پي پي، جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن پاران ميان عبدالحسيب قادري، حاجي عبدالله گلراڻي، رحمت الله چنه، محمد علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون.*** خانپورمهر مان آفتاب سيال موجب خانپورمھر۾ جشن آزادي جو ڏھاڙو وڏي جوش ء جذبي سان ملھايو ويو

. پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مھر جي اڳواڻي ۾ نڪتل پيادل ريلي خانڳڙھ کان خانپورمھر جي ٽائون ڪاميٽي پھتي، ريلي ۾ سوين شھرين جي شرڪت ڪئي، جنھن م پاڪستان زندہ آباد ء ڪشمير ٿيندو پاڪستان جا نعرا گونجندا رھيا.

پهنجو تبصرو موڪليو