آرٽ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائيندڙ ٿري نوجوان غربت سبب پريشان

چيلهار( ساجد نهڙيو) روهيلا ڪالوني جو نوجوان واسديو مينگهواڙ ذهانت سبب آرٽسٽ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائڻ سان گڏ خوبصورت مجسما پڻ ٺاهي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لڳو. واسديو مينگهواڙ ڪيترن ئي اهم شخصيتن محترم شهيد بينظر ڀٽو سميت ٻين جون خوبصورت تصويرون پڻ ٺاهي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. هي نوجوان نه رڳو آرٽسٽ پر مٽي مان به خوبصورت مجسما ٺاهي ٿو جنهن ڪري نه رڳو علائقي پر پوري ٿرپارڪر ۾ مشهور بڻيل آهي.

واسديو مينگهواڙ کان شهري ۽ پري پري کان ماڻهون وڏي تعداد ۾ پنهنجيون تصويرون۽ مجسما پڻ ٺهرائڻ اچن ٿا. واسديو مينگهواڙ کان سندن ڏات جي باري پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته هي پورهيو ننڍپڻ کان تقريبن ڏھ سالن کان ڪندو اچي پيو هن مايوسي وچان ٻڌايو ته اڄ ڏينهن تائين سرڪاري سطح تي ڪا به مالي سهائتا نه ٿي سگهي آهي پر ڏک ان ڳالهه جو آهي ته ضلعي ۾ ثقافت کاتي طرفان ٿيندڙ پروگرامن ۾ به دعوت نه ٿي ڏني وڃي.

پنهنجي مالي حالات ٻڌائيندي چوي ٿو ته والد  تڳاري جي تاريخ ڪري ٿو انتهائي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. تعليم جي باري سندن چوڻ هو ته انٽر ڪرڻ بعد سنڌيونيورسٽي جي ٽيسٽ ڏني جنهن بعد آرٽ ۽ ڊزائن ڊپارٽيمنٽ ۾ سليڪشن پڻ ٿي پر مالي سهائتا نه هئڻ جي ڪري يونيورسٽي کي اتي ئي الوداع ڪيم.

ان کان جڏهن پنهنجي خواهش جي باري ۾ پڇيو ويو تڏهن هن جواب ڏنو ته جي مالي حالات صحيح هجن ته پڙهڻ چاهيان ٿو. هاڻ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته نوجوان واسديو مينگهواڙ جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن ٿر سميت پر ملڪ ۾ پنهنجي علائقي جو نالو روشن ڪري سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو