اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي بيٽن سان نوازيو ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کيس اهو اعزاز ڏنو. کيس هي اعزاز سندس بي مثال قيادت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ قيمتي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدارتي محل ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ پاڪستان جا صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪري رهيا آهن.تقريب ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر، سروسز چيفس، صوبائي گورنر ۽ وڏي تعداد ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، پرڏيهي سفارتڪار، سول ۽ فوجي عملدار پڻ موجود آهن.صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي بيٽن سان نوازيو. هي اعزاز کيس سندس بي مثال قيادت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ انمول خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ تاريخي ۽ فخر وارو ڏينهن آهي. اسان پنهنجن هيروز جي خدمتن کي تسليم ڪريون ٿا. اسان جي بهادر قيادت دشمن خلاف هڪ بي مثال ۽ تاريخي فتح حاصل ڪئي. دشمن کي مضبوط ۽ اثرائتي جواب ڏئي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني فوج دشمن جي غرور کي ڪچلي ڇڏيو. ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو جذبو ۽ عزم مثالي هو. هن فيلڊ مارشل جي پياري ملڪ لاءِ خدمتن جي گهري تعريف جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته فيلڊ مارشل جو ڪردار ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ تمام اهم آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير آپريشن بنيان مارسس دوران اهم ڪردار ادا ڪيو. قوم جي بهادر پٽ فيلڊ مارشل عاصم منير نئين تاريخ رقم ڪئي.










