آرتي عدالتي بيان تان ڦري وئي، پوليس حسنين کي گرفتار ڪري ورتو

خيرپور (ن س) پراسرار نموني گم ٿيل هندو ناري آرتي ڪُماري سان شادي ڪندڙ نوجوان حسنين پٺاڻ کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل ايس ايس پي خيرپور ۽ ناري آرتي ڪُماري جي وارثن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آرتي ۽ نوجوان حسنين پٺاڻ کي لاهورمان مقامي پوليس جي مدد سان هٿ ڪيو ويو. هنن ٻڌايو ته ٽيڪنيڪل ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ پوليس کي ڄاڻ ملي ته جوڙو لاهور ۾ موجود آهي، اُن کانپوءِ خيرپور جي پوليس لاهور رواني ٿي وئي هئي. هن چيو ته ناريءَ کي سندس مرضيءَ پٽاندڙ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حسنين پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي آءِ جي سکر چيو ته حسنين پٺاڻ کان وڌيڪ پُڇاڳاڇا لاءِ ضرورت پوڻ تي سندس رمانڊ به ورتو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اي آءِ جي چيو ته عدالت پاران حسنين پٺاڻ کي گرفتار نه ڪرڻ بابت ڪو حڪم جاري ناهي ڪيو. واضح رهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي آرتي ڪُماري پنهنجي هم ڪلاسي حسنين سان گهران هلي وئي هئي. سندس وارثن اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ٽن هفتن کانپوءِ کيس ظاهر ڪيو ويو ۽ گذريل ڏينهن مڙس حسنين پٺاڻ سوڌو خيرپور جي عدالت ۾ پيش ٿي هئي. ناري عدالت ۾ بيان ڏنو هو ته هُن مرضيءَ سان مسلمان ٿيڻ بعد حسنين پٺاڻ سان شادي ڪئي آهي، پر في الحال هو وارثن ڏانهن وڃڻ گهري ٿي. جنهن تي عدالت ناري کي والدين حوالي ڪري ڇڏيو هو. وارثن جو چوڻ آهي ته آرتي کي ورغلائي زوري مسلمان ڪري شادي جو ڊرامو رچايو ويو هو. ناري وارثن پهچڻ بعد عدالت ۾ ڏنل بيان تان ڦري وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو