آئي فون جو نئون ماڊل، ماڻهو ٽرائپو فوبيا جو شڪار ڇو؟

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ايپل پنهنجي ٺاهيل موبائلز جي ڊيزائن جي ڪري مشهور آهي، ايپل جو نئون آءِ فون 11 هڪ دفعو وري خوبصورت ۽ نواڻ جو مزاج رکندڙ آهي پر فون جي پويان ٽي سرڪلر ڪئيمرائن کي ڏسي،اڪثر ماڻهن کي ڪاوڙ ۽ چڙ ايندي آهي، هن جي وجهه هڪ ذهني ڪيفيت آهي جنهن کي ٽرائپو فوبيا چوندا آهن.  ٽرائپو فوبيا اهو خوف يا نفرت آهي جيڪا جيو ميٽرڪ نمونن يا جهرمٽ کي ڏسڻ کان پئدا ٿي سگهندي آهي، خاص طور تي تمام سارا سوراخ ۽تمام ننڍا مستطيل،اڱاري تي ايپل جي نئين مصنوعات جي پيشڪش جي وجهه کان ٽرائپوفوبيا سرخين ۾ اچي وئي، ڪنول جي گل ۾ لڳل بيجز سان ٺهڻ واري شڪلن سان پئدا ٿيڻ وارو خطرو ٽرائپوفوبيا جي سڀ کان خاص مثال آهي

پهنجو تبصرو موڪليو