آءِ بي سي سي جي اِي پورٽل ۽ موبائل اَيپ جو افتتاح

آءِ بي سي سي جي اِي پورٽل ۽ موبائل اَيپ جو افتتاح

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين يعني (آءِ بي سي سي) آن لائن پورٽل ۽ موبائل ايپ جاري ڪري ڇڏي آهي. اِي پورٽل ۽ موبائيل ايپ جاري ڪرن جو افتتاح تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اڱاري تي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ اسين وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ڪندي هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي.

Photo Sidhyar

هن چيو ته پرڏيهه توڙي ملڪ مان اَي ليول يا او ليول سميت دنيا جي ڪنهن به اداري مان جيڪا ڊگري حاصل ڪندو ان کي گهر ويٺي آن لائن پاڪستان ۾ برابري جي ڊگري ملي ويندي. هاڻي چالان ڀرڻ کان وٺي دستاويز اپ لوڊ ڪرڻ تائين هر ڪم شاگرد گهر ويٺي ڪري سگهندا. هن چيو ته اڳ ۾ پيچيده نظام هو، تمام گهڻو وقت لڳندو هو. هاڻي اسين آن لائن تيز، شفاف ۽ ٽربل فري سهولت ڏني آهي. هن چيو ته جيڪي آن لائن اپلاءِ نه ڪندا ته انهن کي مينوئل سهولت به ميسر هوندي.. هن چيو ته موبائيل ايپ تان به اوهان ساڳئي سهولت حاصل ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ شاگردن کي وڏي تڪليف هئي جيڪا هاڻي ختم ٿي وئي آهي. ان موقعي تي فرح حامد خان، سيڪريٽري تعليم،پارلياماني سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر اڳواڻ به موجود هئا. ياد رهي ته آءِ بي سي سي جي چيئرمين پنهنجي اداري کي آن لائن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو