جان محمد سوسائٽي (ن س) ڳوٺ ڌاماجي وٽ ٻنڌ مائينر جي پل ڇهن گزريل ڇهن مهينن کان ڊاهي غائب ٿي ويو ڳوٺاڻن وڏير ڪامل مهر۔منصور مهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ٺيڪيدار رشيد ڪلوڙ اسان جي ڳوٺ جي ٻن واهن جي پلين جا 22 لک ايريگيشن انجنيئر امير بخش بوزدار۔ايس ڊي او عطاء الله ڪلوڙ مبين ڪلوڙ سان ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري ويو آھي ۽ پل جو ڪم به نه ٿو ڪري پل ٽٽل هجڻ ج ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ ٻي سان رابطو ڪٽيل آھي ۽ ڪيترائي ماڻهون پڻ واھ ۾ ڪري زخمي ٿيا آھن هتان جا رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيا آھن پر ٺيڪيدار جي ڪن تي جوئن به نٿي چري اهڙو ڪيس پڻ وڪيل جاويد مهر معرفت گهوٽڪي جي عدالت ۾ پڻ هلندڙ آھي جتي ٺيڪدار لکي ڏيئي آيو آھي ته پل جو ڪم شروع ڪيان ٿو پر هن مهل تائين ظاهر ناهين ٿيو ڳوٺاڻڻ نيب اينٽي ڪرپشن ۽ ڊي سي گهوٽڪي توڙي ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽس وٺي ٺيڪيدار پاران هڙپ ڪيل رقم واپس ڪرائي پل جو ڪم شروع ڪرايو وڃي










