اوٻاوڙو (ن سنڌيار)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ جلال رند واسين جو الهوڌايو رند خلاف سراپا احتجاج بڻيل گذريل ڏينهن ميڊيا اڳيان الهوڌايو رند مصرو رند ۽ فخر رند خلاف الزام هڻندي چيو هو ته مصرو رند وارن پاڻي جي معاملي تي منهنجي مٿان ڪارنهن الزام لڳايو آھي جنهن بعد رائيٽ نيوز جو رپورٽر ڳوٺ جلال رند ۾ پهچي الزام هيٺ آيل مصرو رند وارن وٺ پهتو اتي مصرو رند فخر رند منير احمد رند ۽ ٻين پنهنجو موخف بيان ڪندي ٻڌايو ته اسان جو الهوڌايو رند وارن سان زمين جي مالڪي تان تقرار هلندڙ آھي جنهن سبب ناجائز اسان مٿان الزام لڳائن ٿا جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي انهن وڌيڪ چيو ته اسين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته هن معاملي جو نوٽس وٺي۔ ملوث الهوڌاو۔پيران بخش۔الهجوايو۔دلمراد۔ ۽ ٻين خلاف ڪانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي










