اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻيون هيون ته پوءِ ڪالعدم قرار ڇو ڏنو.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته لاهور ۾ جيڪو ٿيو ان جون حقيقتون عوام جي سامهون نه اچي سگهيون. حڪومت ڪهڙا واعدا ڪيا، ڪهڙا دعويٰ ڪيا ان جي باري ۾ ڪجهه به خبر ناهي. پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي پوءِ ٻڌايو ويندو آهي ته ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. ڳالهيون ئي ڪرڻيون هيون ته پوءِ ڪالعدم قرار ڇو ڏنو ويو. وزيراعظم ۾ جيڪڏهن همت هئي ته پارليامينٽ ۾ اچي تقرير ڪري ها. هر ماڻهو پريشان آهي ته ملڪ جو وزيراعظم ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.(ن) ليگ اڳواڻ چيو ته هر روڊ تي ڪنيٽر رکيل آهن. ناموس رسالت جي معاملي تي پاڪستان ۽ اسلامي دنيا ۾ ڪي به ٻه راءِ نه آهن. خلائي مخلوق هاڻ زميني مخلوق بڻجي چڪي آهي. اسان پنهنجي دور ۾ تحريڪ لبيڪ جي احتجاج تي جيڪو چيو اهو تاريخ جو حصو اهي. اسان چوندا آهيون ته هڪ سچائي جوڪميشن ٺاهي ڇڏيو. سموري خبر پئجي ويندي. فيض آباد ۾ جيڪو ٿيو ان جون حقيقتون تمام گهڻيون سخت آهن.شاهد خاقان عباسي چيو ته ان جو واحد حل ڪميشن آهي. جنهن ۾ حقيقتون سامهون اچن. وزيرن کي تبديل ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. هي پنجون ناڻي وارو وزير آهي هر شخص اڄ ناڻي وارو وزير آهي. هنن اهم وزارت کي سرڪس جو تماشو بنائي ڇڏيو آهي.










