ڳالهين کانسواءِ اليڪشن ۾ وينداسين ته نتيجا نه ملندا: عباسي

ڳالهين کانسواءِ اليڪشن ۾ وينداسين ته نتيجا نه ملندا: عباسي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ صوبن ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو تماشو ڏسي چڪو آهي، هاڻي مرڪز ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ حل ناهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته شاهد خاقان عباسي چيو ته چونڊون عوام تي ڇڏڻ گهرجن.هن چيو ته ڳالهين کانسواءِ چونڊون ٿيون ته نتيجا نه نڪرندا.اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪنهن به پارٽي ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، جيڪڏهن قومي چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

پهنجو تبصرو موڪليو