ڄامشورو (ڊ ر) نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عظيم ويساڻي پالاري ۾ گھرو اڻبڻت تان مڙس مقدر پالاري پنھنجي نوجوان 23 ورھين جي زال عظيمان ڌيءَ قادر پالاري کي گھر اندر پسٽل جا فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو.ناري جي قتل واري اطلاع تي نوري آباد پوليس ڳوٺَ عظيم پالاري پھچي ناري جو مڙهه علائقي ۾ اسپتال جي سھولت نه ھئڻ سبب تعلقه اسپتال ٿاڻو بولاخان منتقل ڪري ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش ڳوٺ کڻائي آيا.ٻئي طرف پنھنجي زال کي بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدار مقدر پالاري پاڻمرادو ٿاڻي تي پھچي پسٽل سميت گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آھي، جنھن کي لاڪ اپ ڪيو ويو آھي، نوري آباد پوليس موجب جاچ جاري آھي، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.ھوڏانھن قتل ٿي ويل عورت جو مڙهه گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، ناري جي والد پورھيت قادر پالاري موجب جوابدار ساڻن وڏو ظلم ڪيو آھي، سندس نياڻي کي بيگناهه قتل ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آھي. ھن انصاف جو مطالبو ڪندي سندس نياڻي جي قاتل مڙس کي سخت کان سخت سزائون ڏيارڻ جي گھر ڪئي.










