گڏيل ڪميٽي جوڙي ، برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو:ڪمشنر

گڏيل ڪميٽي جوڙي ، برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو:ڪمشنر

شڪارپور (ن سنڌيار) ڪمشنر لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ روينيو عملدارن سان گڏجاڻي، لوڪل گورنمينٽ جي نمائيندن ء آفيسرن جي گڏيل ڪميٽي جوڙي ، برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو. ڪمشنر لاڙڪاڻو گھنور خان لغاري، ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن مان شفٽ ڪري ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪرايو، تعليم جو عمل بنا دير شروع ڪرايو. ڪمشنر لاڙڪاڻو تفصيل موجب ڪمشنر لاڙڪاڻو گھنور خان لغاري ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ روينيو عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر سميت ايڊيشنل ڪمشنر ون ، ٽو، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ء مختيارڪارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي سان ڳالھائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻو گھنور خان لغاري چيو ته عوام توھان مان اميد رکي ٿي، ٻوڏ متاثر ڏاڍا ڏکارا آھن انھن جي سھائتا ڪيو . ھن چيو ته امداي سامان جي رسد جو مسئلو آھي جنھنڪري ڪجھ مشڪلات آھي. ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي نمائيندن جن ۾ يوسي چيرمين ء ڪائونسلر ء آفيسرز جي گڏيل ڪميٽي جوڙي برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو وڃي. ھن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن ۾ قائم ريليف ڪيمپن مان ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪري تعليمي عمل جلد شرو ع ڪرايو وڃي . ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته شڪارپور ء ڪشمور جي آبادگارن فصلن لاء پاڻي جو مطالبو ڪيو آھي ان بابت به جلدي قدم کڻبا.ان کان پھرين ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر ، ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ريليف ڪيمپن، ٽينٽ سٽيز، راشن، ٽينٽ ء ترپالن جي تقسيم، فوتگين ء گھرن ڊھڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ء ٻڌايو ته ھن وقت تائين چئن ٽينٽ سٽيز ۾ 399 خاندان مقيم آھن ء ٻائيتاليھ ھزار راشن بيگ تقسيم ڪيا آھن .ھن چيو ته ھن وقت شڪارپور جي جاڳڻ ، جھانواھ، ، نئون واھ ، شير ڪوٽ، وارياسو، نم ء ڀانڀئڙ يو سيز ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو