شهدادڪوٽ( ڊ ر ) پراسرار نموني گم ٿي ويل معصوم نينگر جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي کيس ڳولڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. گذريل ڏينهن صبح جو گڏهه گاڏو ڪاهي روزگار سانگي گهر کان نڪتل مزدوري تي ويل 13 ورهين جي صابر کهاوڙ جي وارث عورتن نينگر جي امڙ نصيبا کهاوڙ ۽ ڀاشل کهاوڙ هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن صابر گڏهه گاڏو ڪاهي روزگار ڪرڻ لاء شهر ويو هو جيڪو هن وقت تائين واپس ناهي آيو

هنن پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي چيو ته جنهن وٽ به اسان جو ڇوڪرو آهي مهرباني ڪري اسان جو ٻار واپس ڪن هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته پر اسرار نموني گم ٿي ويل نينگر صابر کهاوڙ جي ڳولا ۾ مدد ڪري اسان جو ٻار واپس ڪرايو وڃي.










