اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گڊو کان بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ويندڙ بجلي جي مين ٽرانسميشن بحال ٿي وئي.مين ٽرانسميشن لائين جي بحالي کانپوءِ ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ۾ معطل ٿيل بجلي به بحال ڪئي وئي آهي.ڪيسڪو موجب گڊو مان بجلي فراهم ڪندڙ ٽرانسميشن لائين ٽريپ ٿي وئي، جنهن سبب ڪوئيٽا ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.سسکو عملدارن ٽرانسميشن لائين ٽريپ ٿيڻ کان پوءِ فوري طور تي بحالي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون.










