گڊو بئراج تي پاڻي ۾ واڌ، ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو

گڊو بئراج تي پاڻي ۾ واڌ، ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو

ڪشمور (رپورٽ علي حسن سومرو) گڊو بئراج تي پاڻي ۾ واڌ، ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو، گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ تيزيءَ سان واڌ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب درياهه جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو وڌي ويو آهي اڄ صبح جو گڊو بئراج تي مٿائون وھڪرو 186,933 ڪيوسڪ ۽ ھيٺائون وھڪرو 148,393 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو سڌيءَ ريت درياهه جي وهڪرن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿو سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ واڌ سبب گڊو، ڪشمور، گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي جا علائقا خطري جي زون ۾ اچي ويا آهن. آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه جي عملي کي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ حفاظتي بندن جي نگراني سخت ڪئي پئي وڃي ماهرن موجب جيڪڏهن وهڪرن ۾ واڌ جو اهو سلسلو جاري رهيو ته هي علائقا جلد ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي سگهن ٿا مقامي ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو احتياط ڪن، درياهه جي ڪپ تي وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ هنگامي صورتحال ۾ انتظاميه سان رابطو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو