گٽر جي صفائي دوران 2 ڄڻا فوت

گٽر جي صفائي دوران 2 ڄڻا فوت

تونسه )ويب ڊيسڪ)تونسه جي سب تحصيل واهوا ۾ گندي پاڻي جي نيڪال دوران زهريلي گيس ڀرجڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ کي زنده بچايو ويو.ريسڪيو ذريعن موجب واهه ۾ پاڻي نيڪال لاءِ علائقي جا رهواسي پنهنجي مدد سان نالن جي صفائي ڪري رهيا هئا.گندي پاڻي جي کوٽائي ۾ زهريلي گئس ڀرجي وئي جنهن سبب اندر ڪم ڪندڙ 2 مزدور محمد اسامه ۽ محمد طاهر فوت ٿي ويا جڏهن ته عاشق حسين کي زنده ڪڍيو ويو.امدادي ٽيمن فوتين جا لاش کڻائي تونسه اسپتال منتقل ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو