سڪرنڊ ( رپورٽ : فقير راج ڪماراوڏ)تعلقي سڪرنڊ جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن کي گئس جي سهولت نه ملڻ خلاف سنڌ سجاڳ فورم سڪرنڊ جي صدر مجيد عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف سياسي جماعتن ، سماجي تنظيمن ۽ ڳوٺاڻن پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي قدرت انيڪ وسيلن سان مالامال ڪيو آهي پر ايترن وسيلن هوندي به سنڌ کي هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي . سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ جديد سهولتن کان محروم آهن . سڄي سنڌ جيان سڪرنڊ جا سوين ڳوٺ پڻ گئس جهڙي سهولت کان وانجهيل آهن جڏھن ته 70 سيڪڙو گئس سنڌ مان حاصل ڪئي وڃي ٿي . هنن وزير اعلٰى سنڌ ، هتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ گئس اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته سڪرنڊ جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن کي گئس مهيا ڪري ڏني وڃي ته جيئن اهي به سک سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن . ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو . مظاهري ۾ ايوب کوسو ، قلندر بخش ملاح ، منور عمراڻي ، خير محمد چنا ، رئيس ثابت علي مگسي ، محمود مصطفٰى مگسي ، حسين بخش ڪيريو ۽ ٻين سوين ماڻھن شرڪت ڪئي .










