گوشت ۾ هڏو ڇو؟ پوليس اهلڪار مڇرجي پيو

گوشت ۾ هڏو ڇو؟ پوليس اهلڪار مڇرجي پيو

شڪارپور(ن سنڌيار)رستم چوڪ وٽ سادا ڪپڙا پاتل اي ايس آءِ ٽريفڪ پوليس رفيق سنجراڻي گوشت ۾ ھڏو وجهڻ تان پورھيت ميھر شر تي سخت تشدد ڪيو. گوشت وڪرو ڪندڙ نوجوان تي تشدد ڪرڻ بعد ٽريفڪ پوليس جي اي ايس آءِ رکيل سامان جي ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي. واقعي بعد شهري گڏ ٿي ويا، ايس ايس پي شڪارپور ۽ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو