ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي قافلي ۾ شامل سڪيورٽي گاڏي ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، حادثي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس اختيارين موجب، حادثو ڪراچي ۾ شاهين بخاري سگنل تي موڙ وٺڻ دوران پيش آيو، سيڪيورٽي جي گاڏي پرائيويٽ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار سڪيورٽي گاڏي مان ڪري پيا، زخمين ۾ ڪانسٽيبل وقاص ۽ نعيم شامل آهن.پوليس اختيارين موجب ٻنهي زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري به جناح اسپتال پهچي ٻن زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي.










