گوجرانوالا: لانگ مارچ ۾ فائرنگ، عمران خان ۽ فيصل جاويد زخمي

گوجرانوالا: لانگ مارچ ۾ فائرنگ، عمران خان ۽ فيصل جاويد زخمي

گوجرانوالا )ويب ڊيسڪ)گوجرانوالا ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ڀرسان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين زخمي ٿي پيو.پوليس موجب گوجرانوالا ۾ الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي استقباليه ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته موقعي تي موجود سڪيورٽي اهلڪارن حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو.الله والا چوڪ تي فائرنگ کان پوءِ سڪيورٽي اهلڪار فوري طور عمران خان وٽ پهچي ويا ۽ کيس باهه جي هيٺان کنيو ۽ سندس اڳيان بلٽ پروف جيڪٽ لڳائي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي ساڄي ٽنگ ۾ گوليون لڳيون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد به زخمي ٿي پيو آهي، ان کان علاوه احمد چشتي ۽ چوڌري محمد يوسف جي به زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.ذريعن موجب حملي آور پهريان ڀت سان فائر ڪيو ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي، حملي آور ڪارو لباس پهريل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو