گوادر فري زون ۾ سرمايو لڳائيندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لا3 ڪميٽي قائم

گوادر فري زون ۾ سرمايو لڳائيندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لا3 ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد شهبازشريف ٻاهرين سيرپڪار ڪمپنين خاص ڪري گوادر فري زون ۾ سرمايو لڳائيندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪندي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي رستي ۾ سموريون رڪاوٽون بنا دير هٽايون وڃن سومر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ سيڙپڪاري تي اعليٰ سطح اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو اجلاس ۾ وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، چوڌري سالڪ حسين، احسن اقبال، طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ڪميٽي کي 10 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چيني سيڙپڪار ڪمپنين کي اوليتي بنيادن تي سهولت فراهم ڪئي وڃي چيني ورڪرز جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽون کي بنا دير حل ڪيو وڃي هن چيو ته چيني ورڪرز جي ويزا ۾ سي پيڪ ۽ ٻين ڪمپنين جي ورڪرز جو فرق ختم ڪري ويزا جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪيو وڃي اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي، انفرااسٽريڪچر، ريلوي، پورٽ انفرااسٽريڪچر ۽ ٻين منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپنين بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ فوري طور هڪ کان 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي. ان کان سواءِ انهن منصوبن سان 45 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو