گهڻو ٿيو ڪراچي ۽ حيدر آباد بلدياتي چونڊون  ڪرايو:عدالت

گهڻو ٿيو ڪراچي ۽ حيدر آباد بلدياتي چونڊون ڪرايو:عدالت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار بار چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته بس گهڻو ٿي ويو، هاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ڪرايون.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سربراهيءَ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ بابت جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس يوسف علي سعيد پڇاڻو ڪيو ته چونڊون بار بار ڇو ملتوي ڪيون پيون وڃن.چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ رمارڪس ڏنا ته سڪيورٽي جو مسئلو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ڇو نه پيو ٿين ؟ اليڪشن ڪرائڻ اوهان جي ذميواري آهي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڪالهه موڪل سبب اجلاس نه ٿي سگهيو، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي اليڪشن ڪميشن آهي اسڪول نه، موڪل هئي ته ڇا ٿيو؟ ميٽنگ ٿي سگهي ٿي، بس ٿي وئي، توهان اليڪشن ڪرايو.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز جون رپورٽون ڪٿي آهن؟ چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي پوليس ٻوڏ ۾ وڃي ٿي؟ ٻڌايو ته پوليس ٻوڏ متاثرن سان ڇا ڪري رهي آهي؟ پوليس جو ڪهڙو فرض آهي؟ جسٽس امير علي ايم شيخ چيو ته هڪ ڳوٺ ٻڌايو جتي پوليس ٻوڏ متاثرن لاءِ آپريشن ڪيو، سنڌ ۾ مجموعي ڪيتري نفري آهي؟ ٻڌايو ته پوليس ڪٿي آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ وڌيڪ وقت جي درخواست ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته وڌيڪ وقت نه ڏينداسين، فوري رپورٽ ڏيو،عدالت ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي اهلڪارن جي مجموعي انگ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پاڻ پيش ٿين يا ڪنهن اعليٰ آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي. وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو اجلاس گهرايو پوءِ ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اجلاس سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، توهان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ڪرايو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو