مينهون چوري ڪندڙ چورن جي فائرنگ ۾ 2 ڀاڳيا قتل

مينهون چوري ڪندڙ چورن جي فائرنگ ۾ 2 ڀاڳيا قتل

گهوٽڪي(رپورٽر غلام علي رند)اوٻاوڙو گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ سائينڏنو گهوٽو ۾ مينهون چوري ڪري فرار ٿيندڙ چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ۔چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو عبدالحميد گهوٽو ۽ راڻو ڀٽو قتل ٿي ويا تفصيل موجب گهوٽڪي جي ڳوٺ سائينڏنو گهوٽو ۾ 10 کان وڌيڪ چور عبدالحميد گهوٽو جي مينهن جي واڙي ۾ داخل ٿي مينهون چوري ڪري فرار ٿي رهيا هيا ته ڳوٺاڻا سڄاڳ ٿي پيا ۽ چورن جو پيرو کنيون ته ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي مير خان واري بنگلي وٽ چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن دوران چورن جي فائرنگ ۾ عبدالحميد گهوٽو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاء سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو جتي هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔۽ راڻو ڀٽو به قتل ٿي ويو جتي اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي سول اسپتال کڻائي آيا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش پارثن حوالي ڪيا وياآخري اطلائن تائين چورن جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو

پهنجو تبصرو موڪليو