ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نجي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ ڊرامي ۾ ڊرامي جي ٽيم پاران تازو ئي عورتن جي خوبصورتي کي ”گهگريالي وارن“ سان ڳنڍڻ تي مداح سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ سوشل ميڊيا تي ان جو ڀرپور اظهار ڪيو. تازو ئي ايڪسپريس ٽي وي تي رليز ٿيل نور ظفر خان ۽ سيد جبران سميت ٻين اداڪارن جي ڪاسٽ تي ٻڌل ڊرامي ۾ گھنگريالن وارن وارين عورتن جا ڪردار ڏيکاريا ويا آهن. ڊرامي جي هڪ منظر ۾ سيد جبران پنهنجي زال تي گھنگريالن وارن جي ڪري سنگين الزام لڳائيندي کيس بدصورت سڏيندي نظر اچي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ڊرامي جي ڪلپ ۾ مڙس پنهنجي زال کي ٻڌائي ٿو ته هن شادي کان اڳ هن کان پنهنجا وار لڪايا ۽ ڪنهن طرح هن کي جادوءَ ۾ ڦاسائي قابو ڪري ورتو.










