گهرو کاتي پاران ڪورونا ايس او پيز بابت نوان حڪم جاري

گهرو کاتي پاران ڪورونا ايس او پيز بابت نوان حڪم جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي ڪورونا ايس او پيز جي حوالي سان نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا، گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سمورن آرگنائيزيشنن کي پنھنجي اسٽاف کي ٻن ھفتن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائي وڃي، ڪاروباري سرگرميون رات 8 وڳي تائين جاري رھنديون، ھوٽلن کي آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي ۽ ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رهندي، گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ھوٽلون رات جو 8 وڳي بعد ٽيڪ اوي ۽ ھوم ڊليوري سروس 12 وڳي تائين فراھم ڪري سگھن ٿيون، بيڪري ۽ کير جي دڪانن کي به رات جو 12 تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي، 11 ھين ڪلاس کان يونيورسٽين تائين تعليمي ادارا کولڻ جي اجازت هوندي ۽ حاضري 50 سيڪڙو رکڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب شادين سميت ٻين تقريبن لاءِ مشروط اجازت هوندي، تقريبون جمعي کان کليل ميدان تي ٿي سگھنديون، تقريب ۾ 150 ماڻھن کان وڌيڪ ماڻھن جي شرڪت تي پابندي هوندي گھرن ۾ ننڍڙين تقريبن تان به پابندي ھٽائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو