ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) يونين ڪائونسل نظرپور جي ڳوٺ ريڻ موري جي رهواسي 22 سالن جي نوجوان گوند پٽ ڪونڀو ميگهواڙ گهرو پريشانين جي ڪري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش ٽنڊو غلام حيدر جي سول اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. ياد رهي ته نوجوان جي ٽن مهينن بعد شادي پڻ ٿيڻي هئي.










