گهر کي باهه، گهر جا 7 ڀاتي سڙي زخمي، اسپتال داخل

گهر کي باهه، گهر جا 7 ڀاتي سڙي زخمي، اسپتال داخل

سکر(جيرام داس) نصرت ڪالوني ويجھو ريلوي آئوٽر سنگنل وٽ شفقت جتوئي جي گھر ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 گهرڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ رخسانه جتوئي، نور خاتون، چاهت، علي عباس، سلمان ۽ ريحان شامل آهن. سڙي زخمي ٿيلن کي پاڙيسرين سکر سول اسپتال پهچايو جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ابتدائي معلومات مطابق گيس ليڪيج ٿيڻ کي گهر کي باهه لڳڻ جو ڪارڻ ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو