جوهي (رپورٽ منصور گاڏهي) ڳوٺ بهادر خيراڻي لنڊ جي رهواسين جوهي پوليس جي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. عبدالرحمان لنڊ ڪوڙل , اسلم ,عزيز ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ منهنجي پٽ محبوب لنڊ موري شھر مان شادي ڪئي جنهن بعد منهنجي ننهن جي امڙ مسمات جادو لنڊ روزانو جوهي پهچي ڇوڪري کي تنگ ڪري ورغلائي وٺي ويندي هئي منع ڪرڻ تي جادو لنڊ اسان خلاف سيشن ڪورٽ دادو ۾ ڪيس داخل ڪيو جتي منهنجي ننهن عدالت ۾ بيان ڏنو ته هوء پنهنجي مڙس سان رهندي بعد ۾ منهنجي پُٽ جي سس ٻيهر سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ اسان خلاف دانهيو جنهن بعد اڄ جوهي پوليس اسان جي گهرن ۾ ڌاڙيلن جيان داخل ٿي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي پٽ محبوب ۽ سندس زال حاڪم زادي کي کنڀي وئي آھي.عبدالرحمان لُنڊ وڌيڪ چيو ته پُٽ جي سس پئسن جي گهر ڪري بليڪ ميل ڪري رهي آھي. ٻي طرف محبوب لنڊ جي سس موري جي رهواسڻ جادو لنڊ صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته منهنجي نياڻي کي ٻن سالن کان وٺي مڙس ۽ سهرو باندي بڻائي اسان سان ملڻ نه پيا ڏين اسان عدالت وڃي درخواست ڏني آهي ته اسان جي نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي اڄ جوهي پوليس عدالت جي حڪم تي منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي ورتي آهي. ناري حاڪمزادي لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته مڙس محبوب لنڊ ۽ سهرو عبدالرحمان لنڊ گذريل ٻن کان قيد ڪري تشدد ڪندا هئا منهنجي مائٽن سان ملڻ به نه پيا ڏين نه ئي ڳالهائڻ ڇڏين پيا اڄ جوهي پوليس مونکي بازياب ڪرايو آهي، آئون مڙس کان طلاق وٺڻ چاهيان ٿي. پوليس جو چوڻ آهي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي حڪم تي ٻن سالن کان مڙس ۽ سھري پاران باندي بڻايل 19 سالا ناري حاڪمزادي لنڊ کي جوھي پوليس ڇاپو ھڻي بازياب ڪرايو آهي جنھن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










