گلوڪار عاصم اظهر جي گاني جي شهرت پاڙيسري ملڪ پهچي وئي

گلوڪار عاصم اظهر جي گاني جي شهرت پاڙيسري ملڪ پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪار عاصم اظهر تازو ئي پنهنجو نئون گيت ”حبيبي“ جاري ڪيو آهي. هن گاني کي مداحن طرفان سٺو ردعمل ملي رهيو آهي. اهو ئي نه پر پاڙيسري ملڪ جي ڳائڻي بادشاهه جو نالو به سندس مداحن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گلوڪار عاصم اظهر فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ ڪهاڻي شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پاڙيسري ملڪ جي گلوڪار سان ڪيل گفتگو جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو.اسڪرين شاٽ موجب گلوڪار عاصم اظهر جو گانو حبيبي جي ڌوم پاڙيسري ملڪ به پهچي ويو. ڀارتي ڳائڻي ۽ ريپر اديتي پريتڪ سنگهه سسوڊيا عرف بادشاه به عاصم جي نئين گاني ۽ سندس ميوزڪ جي ساراهه ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو