ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي وٽ خانه بدوش ٻار ٽريڪ تي اچي ويو، جنهن سبب گرين لائن بس کي حادثو پيش آيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناگن چورنگي پل هيٺان گرين لائين جي ٽريڪ تي هڪ ٻارڙو اچي ويو هو. حادثي ۾ عورت ۽ ڊرائيور سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا.حادثي سبب ناگن چورنگي پل هيٺان ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي.حادثي ۾ گرين بس جو اڳيون حصو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، ڪيترائي مسافر بس جي دريءَ مان ٻاهر نڪري آيا.
حادثي کانپوءِ بس سروس بحال
ايس آءِ ڊي سي ايل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ناگن چورنگي تي حادثي کانپوءِ گرين لائن بس ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ بسون معمول مطابق هلي رهيون آهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته گرين لائن بس عبدالله چوڪ کان بورڊ آفيس وڃي رهي هئي ته ناگن چورنگي چورنگي وٽ حادثو پيش آيو.ايس آءِ ڊي سي ايل جي ترجمان اهو به چيو ته هو جاچ ڪري رهيا آهن ته حادثو ڪيئن پيش آيو.










