اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گرفتاري کان بچي ويل پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسلام آباد پوليس طرفان گهرو وزارت کي باقاعده درخواست اماڻي وئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ملڪ مان فرار ٿي سگهن ٿا. سندن نالا اي سي ايل ۾ وجهي جوابدارن کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪيو وڃي. جوابدارن خلاف اسلام آباد جي کهنه ٿاڻي جي پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل آهن.










