گال ٽيسٽ: پاڪستان جي بيٽنگ جاري

گال ٽيسٽ: پاڪستان جي بيٽنگ جاري

گال (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ هلندڙ گال ٽيسٽ فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. گال ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن جي راند شروع ٿي وئي آهي، پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان بيٽنگ ڪري رهيا آهن. پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 106 رنسن جي ضرورت آهي جڏهن ته 7 وڪيٽون باقي آهن. چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسون ٺاهي ورتيون، عبدالله شفيق 112 ۽ محمد رضوان 7 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا. پاڪستان طرفان آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمينن ۾ پهرين اننگز ۾ بابر اعظم، امام الحق ۽ اظهر علي شامل هئا، جن بالترتيب 55، 35 ۽ 6 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان ان اننگز ۾ پرڀٿ جياسوريا 2 ۽ رميش مينڊس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو