گئس فراهمي بند، اتحاد ٽائون شهرين پاران سوئي گيس آفيس جو گهيراءُ

گئس فراهمي بند، اتحاد ٽائون شهرين پاران سوئي گيس آفيس جو گهيراءُ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلديا ٽائون جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ سوئي گيس جي فراهمي نه ٿيڻ تي شهرين سوئي گيس هيڊ آفيس جو گهيرو ڪيو.پوليس موجب بلديا ٽائون، اتحاد ٽائون ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي بسن ۽ مختلف گاڏين ۾ لوڊ ٿي گلشن اقبال جي حسن اسڪوائر ڀرسان سوئي سدرن گئس ڪمپني جي هيڊ آفيس پهچي ويا ۽ شهرين آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. مشتعل ماڻهو هيڊ آفيس جي ڀت ٽپي آفيس ۾ داخل ٿي ويا، اڪثر ماڻهو مين روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، بجلي جي فراهمي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي وئي.سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ايسٽ زبير نذير شيخ موجب احتجاج دوران امڪاني ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي مختلف ٿاڻن جي اهلڪارن کي موقعي تي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو